پد
پد __(A Part of couplet):
علم لغت موجب پد لفظ جو هڪ ڀاڱو (Syllable) ٿيندو آهي، پر شاعري جي زبان ۾بيت يا شعر جو هڪ ڀاڱو يا رڪن.”پد“سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”آواز، ڀاڱو، ٽڪرو، حصو،فقرو“. اصطلاحي معنيٰ ۾ ”پد“ ان کي چئجي ٿو، جو ڪنهن جملي يا سٽ جو حصو يا ٽڪرو هجي ۽ اهو ٽڪرو ڪن لفظن جي ملائڻ سان ٺهيو هجي ۽ منجهانئس اڻ پورو مطلب نڪري.”پد“ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ٺپ“ به چئبوآهي.”پد“ اڪثر نظم يا شعر سان واسطو رکي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته شعر يا بيت جي هر سٽ يامصرع ٻن حصن ۾ ورهايل ٿيندي آهي، جن مان هر هڪ حصي کي ”پد“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح هڪ سٽ ۾ ٻه پد ۽ ٻن سٽن ۾ چار پد ٿيندا آهن. هر پد کي ڪاما ’،‘ سان ڌار ڪبو آهي.هير صبح جي ٿڌي ٿڌي،سج جو نرم شعاع، شبنم گل کان ٿي ڪئي، ڪهڙي وقت وداع (نارائڻ شيام) [1]
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي