مصرع (Stanza) عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي، ”دروازي جو هڪ طاق“. اصطلاحي معنيٰ موجب، شعر جي هڪ سٽ يا وڌيڪ سِٽون، جنھن ۾ شاعر مختلف لفظن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ۽ کين لڙهيءَ ۾ پوئي موزون طريقي سان پيش ڪري. اهڙيون ٻہ مصرعون گڏ آڻڻ سان شعر ٺھي پوندو. هڪ ڊگهي نظم ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي مصرعون آڻي سگهجن ٿيون. مستزاد تي جوڙيل نظم ۾ مطلع جون ٻئي مصرعون وڌايل ٽڪري سميت هڪ ٻئي سان هم وزن ۽ هم قافيہ ٿينديون آهن ۽ باقي بندن مان هر هڪ بند جي پھرين مصرع ۾ ان جو وڌايل ٽڪرو پاڻ ۾ هم قافيہ ٿيندا آهن، پر مطلع سان ساڳئي قافيي ۾ نہ هوندا آهن. البت انھن جو وزن مطلع سان موافقت رکندو آهي ۽ ٻي مصرع ساڳئي وزن ۾ پھرئين بند جي ٻنھي مصرعن يعني مطلع سان هم قافيہ ٿيندي آهي.[1]

مصرع يا بند (Stanza) عام طرح شعر جي ٻن مصرعن يا سٽن کي چئبو آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ نظم جي ترتيب ۽ خيالن جي با مقصد سٽاءَ يا مصرع بند سڏجي ٿو. نظم جي سٽاءَ موجب بند ٻن، چئن، پنجن، ڇهن ۽ اٺن سٽن جو بہ ٿيندو آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. بند | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو] سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد.