پاوا (ڪاٺ)
(پاوا (ڪاٺي) کان چوريل)
پاوا، کٽ يا منجي جي بيھارڻ لاءِ چئن ڪاٺين، يا لوھ جي پائيپن جو نالو آھي، ان کي پائو يا پاڳو پڻ چيو ويندو آھي. پاوا مختلف قسمن گول، چورس وغيرھ جا ٿيندا آھن.[1] پاوا ايسن، ۽ اوپرين کان ننڍا ٿيندا آھن ۽ ھر پاوي ۾ ٻہ ٻہ سوراخ ٿيندا آھن، جن ۾ ايسون ۽ اوپريون لڳايون وينديون آھن. پاوان مٿان جنڊي جو ڪم پڻ ڪيو ويندو آھي.
پاوا، ايسون، اوپريون آسرِي لئو، لوهيڙي، ٻير،[2] کٻڙ، سميت ڪيترن ئي ڪاٺين مان ٺھن ٿيون،[3] ان کان سواءِ موجودہ دور ۾ کٽ لوھ مان پڻ ٺھن ٿا.
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا, سنڌيانا. "پائو". encyclopediasindhiana.org. حاصل ڪيل 27 July 2024.
- ↑ آمڻ ٻير : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ آسرِي لئو : (Sindhianaسنڌيانا)