آمڻ ٻير(انگريزي: Aman Berry ) ھڪ قسم جو وڻ ۽ -ان- جو ڦر، ھن جو -ٿڙ- ٿلھو ۽ ٽاريون وڏيون ٿينديون آھن. نومبر مھيني ۾ ھن ۾ ٻور ٿيندو آھي ۽ -ان- کان پوءِ -ٻير- جھليندو آھي، جيڪي بيحد مٺا ھوندا آھن. ھن وڻ جي ڪاٺي به سگھي ٿيندي آھي، تنھنڪري انھيءَ مان کٽن جا -پاوا-، ايسون ۽ اوپرا، اٺن جا پاکڙا، گھوڙن جا ھنا ۽ گڏھن جا ’جنڊا“ به ٺھندا آھن. -ٿر- ۾ سنڌي ٻيريون گھٽ آھن، البت -آمڻ ٻير- -جام- ٿئي ٿي، جيڪا ماڻھو گھرن ۾ پوکيندا آھن، -ٿري- ماڻهو ٻيرن کي ميوي طور استعمال ڪندا آھن.[1] [2]

حوالا سنواريو

  1. آمڻ ٻير : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو