لوهيڙي (انگريزي:Tecomella) يا روهيڙو ھڪ وڻ آهي جو پورو انگريزي نالو Tecomella Undulata آهي، هن جو نباتاتي خاندان ۾ تعلق بائيگنونياسي (Bignoniaceae) سان آهي. هي سنڌ جي ديسي وڻن مان آڳاٽو وڻ آهي، جيڪو سنڌ جي ٿر، ڪوهستان ۽ دريائي علائقن ۾ ٿئي ٿو. لوهيڙي جو نالو ڍاٽڪي ٻولي مان نڪتل آهي، ڍاٽڪي ٻولي ۾ لوهي معني رت يا رت جهڙو، اهو انهي ڪري جو جڏهن لوهيڙي جي آلي ڪاٺي کي چٽ سالي لاءِ ڪٽجي ٿو ته ان مجهان ڳاڙهي پاڻياٺ نڪري ٿي، جيڪا هٿن يا ڪپڙن کي لڳي ته اهي ڳاڙها ٿيو وڃن، جنهن ڪري هن وڻ تي لوهيڙو (Loheerro) يا روهيڙو جو نالو پئجي ويو. هي وڻ ٿر ۾ عام ٿئي ٿو، جيڪو کٽن جي پاڳن ۽ ٻئي فرنيچر ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هي وڻ سخت جان هئڻ ڪري، هن جو ڪاٺ لوهه وانگر سخت ٿئي ٿو، جيڪو فرنيچر ۾ چٽ سالي ڪرڻ لاءِ بهتر سمجهو وڃي ٿو. [1][2]

ٿر جي صحرا لاءِ اهو وڻ هڪ هڪ باغ بهار آهي. بهار جي موسم ۾ ان وڻ ۾ قدرت الاهيءَ سان ڳاڙها، سونهري ۽ پيلا گُل پيدا ٿيندا آهن. جنهن ڪري آهستي آهستي روهيڙن جا سڄا وڻ، ڪي ڳاڙهن ڪي پيلن ڪي سونهري گُلن سان ڇانئجي ويندا آهن ۽ ٿر ۾ اهو نظارو هوندو آهي جو ڄڻ ائين پيو ڀانئبو آهي ته ڪنهن ڪشمير جي چمن ۾ سير پيو ڪجي. مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي ۾ روهيڙو بمقابلتاً ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي ڪن ڀاڱن ۾ ته ڏهرن جا ڏهر ڀريا پيا هوندا آهن. سچ پچ باغ جو نظارو به اتي هوندو آهي.[3] هي وڻ وڏو، ڪَنڊي جيڏو ٿيندو آهي. هي ڇاڇري تعلقي جي اوڀر ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي اتر- اوڀر واري ڀاڱي ۾ گهڻو ٿئي ٿو. اتي، ڪٿي ڪٿي ته ڏهرن جا ڏهر ڀريا پيا آهن ۽ ماڻهو ٻارڻ جون ڪاٺيون به روهيڙي جون ڪم آڻين. باقي ٿر ۾ ڇڊو ٿئي ٿو، جتي وري روهيڙي جي ڪاٺي ڏاڍي اڻلڀ ۽ مهانگي آهي. مُهراڻي، ڏيپلي، مٺي ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڏکڻ-اولهه واري ڀاڱي ۾ ٿئي پر ڇڊو، سو به ڪن ڏاڍي زمين وارين ٻنين ۽ هنڌن تي، باقي ڀٽن ۽ درن تي ڪونه اُڀري. شاھ لطيف هن کي لوهيڙو ڪري استعمال ڪيو آهي[4]. سياري لٿي بهار جي موسم ۾ هن ۾ ڳاڙها، پيلا ۽ سونهري گڏيل رنگن جا گل ٿيندا آهن، جن سان سڄو وڻ سٿجي ويندو آهي. گُلن ۾ ڪا خوشبوءِ ڪانه ٿئي، باقي رونق واهه جي اٿن، جنهنڪري ڏسڻ سان اکين کي فرحت پيئي ايندي آهي. اُنهن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو بيڪار هئڻ ڪري ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. روهڙي جي ڪاٺي مضبوط، عمارتي ڏانوَ جي ۽ قيمتي آهي. اُن جو ٿُڙ ٿلهو ٿيندو آهي، جنهن کي ڪرٽ سان چيري، منجهانئس جاين لاءِ ڪامون، داسا، ٿنڀا، پٽيون، در ۽ درين جا چوکٽ، کٽن جا پاوا، ايسُون ۽ اُپرا، تختا پينگها، پاکڙا، هَنا، صندل، ڪرسيون، ٽپايون، ميزون، رُول، ڪٻٽ، اُکريون، مُهريون، ڀوڻ، ننڍا اُکرلا ۽ ٻيون به انيڪ قسمن جون شيون ٺاهيندا آهن.[4]. ڪاٺي مضبوط، جهالائو ۽ گهَڙڻ ۾ سهولت واري آهي، تنهنڪري شهتيرن، پٽين، ٿنڀن، کٽ جي پاون ۽ پينگهن وغيره تي سوٽهڙ چٽ ڪڍندا آهن جي بلڪل وڻندڙ لڳندا آهن. اُن کي اُڏوهي جلد نه لائيندي آهي تنهنڪري صدين تائين جٽاءَ ڪندي آهي. روهيڙي جي قيمت هجڻ سبب اڪثر طنز يا طعني طور چئبو آهي ته ”هائو، فلاڻي جي گهر کَٽ آهي ته سهي، پر روهيڙي جي!“ اُن جي ڪاٺي ۽ ان مان ٺهيل شيون مهانگيون وڪامنديون آهن. آلي وڻ وڍڻ تي ٿر ۾ سرڪاري بندش آهي. روهيڙي جو وڻ سُڪڻ بعد وڍيندا آهن. ڪي آلو وڻ به وڍين پر اڪثر هندو ماڻهو روهيڙي جو آلو وڻ ڪونه وڍين. انهن ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته جي آلو روهيڙو وڍبو ته انهيءَ ڪري ڪونه ڪو نقصان ٿيندو.[4].[5]

  1. روزاني عبرت اخبار سومر16 آڪٽوبر 2017 زرعي صفحو کيتي سرسيتي، سنڌ جا ديسي وڻ لوهيڙو، ليکڪ؛ سراج الدين مجيداڻو
  2. "روهيڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-16. 
  3. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. 4.0 4.1 4.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. "روهيڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-16.