ايس (ڪاٺي)
ايس کٽ جي پاسي واري ڊگهي ڪاٺي کي چيو ويندو آھي، ھن کي کٽ جي ٻانھين پڻ چيو ويندو آھي. کٽ جي پاوان ۾ چار ڪاٺيون لڳل ھونديون آھن، جن مان ٻن کي ايسون ۽ ٻن کي اوپريون يا اوپريب چيو ويندو آھي. اوپريون ايسن کان ننڍيون ٿينديون آھن، اھي سيراندي ۽ پيراندي واري پاسي لڳايون وينديون آھن.[1]
ايسون، آسرِي لئو، لوهيڙي، ٻير،[2] کٻڙ، سميت ڪيترن ئي ڪاٺين مان ٺھن ٿيون،[3] ان کان سواءِ موجودہ دور ۾ کٽ لوھ مان پڻ ٺھن ٿا.