ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو سائينداد(انگريزي: Tando Saindad) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 4 ٽنڊو سائينداد آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ٽنڊو سائينداد حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ تي ٽنڊو محمد خان شھر ٻاھران ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي انڊس ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جي سامهون واقع آهي. ھن يو سي ۾ مشھور بزرگ عبدالفتاح شاھ بخاري جي درگاھ واقع آهي. ٽنڊو سائينداد جي اولھ پاسي ڦليلي ڪينال وھي ٿو.
ٽنڊو سائينداد | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل | |
Tando Saindad | |
جاگرافي بيهڪ: 25°08′30″N 68°31′45″E / 25.14167°N 68.52917°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
صحت
سنواريوھتي جي ماڻھن کي چويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسري ڪم ڪري ٿو.