ٽنڊو الهيار تعلقو

ٽنڊو الهيار تعلقو(انگريزي: Tando Allahyar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊوالهيار جو ھڪ تعلقو آهي. اِن جو صدر مقام ٽنڊوالھيار شھر آھي. 2005 کان اڳ ھي تعلقو حيدرآباد ضلعي جو حصو ھيو. هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 2 لک 63 هزار هئي. 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 3,95,996 ھئي جنھن مان 1,88,312 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 2،07،684 ماڻھو شھري علائقن ۾ رھندڙ ھيا[1]. ھن تعلقي جي اتر ۽ اوڀر ۾ جھنڊو مري تعلقو، اولھ م مٽياري ضلعو ۽ حيدرآباد ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ چمبڙ تعلقو واقع آهن.

Tando Allahyar
ٽنڊوالهيار تعلقو
تعلقو
ٽنڊوالهيار شھر ۾ واقع شاھ لطيف پارڪ
ٽنڊوالهيار شھر ۾ واقع شاھ لطيف پارڪ
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊوالهيار ضلعو
تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون 8
حڪومت
 • قسم ميونسيپل ڪاميٽي
آبادي ([1] 2017)
 • ڪل 3,95,996

انتظامي ورهاست سنواريو

ھي تعلقو ضلعي جي سب ڊويزن آھي. 2008 وارن انگن اکرن مطابق تعلقي ۾ ھڪ سرڪل، 6 تپا ۽ 24 ديھون واقع آهن[2]. ديھن مان ھڪ ٽنڊي الهيار شھر واري ديھ شھري آھي باقي 23 ديھون ٻھراڙيءَ جون آھن[2].

يونين ڪاؤنسلون سنواريو

ٽنڊو الهيار تعلقي ۾ 8 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن، جن مان چار ٽنڊو الهيار شهر ۾ اچن ٿيون.

ٽنڊو الهيار تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪاؤنسل جو نالو آبادي (2011) آبادي (2017)
1 ٽنڊو الهيار 1 19,549
2 ٽنڊو الهيار 2 31,867
3 ٽنڊو الهيار 3 50,591
4 ٽنڊو الهيار 4 27,357
5 شيخ موسيٰ 37,222
6 پاڪ سنگهار 34,796
7 ڍينگاڻو بوزدار 28,327
8 بُڪيرا شريف 33,840
ڪل 2,63,548

ديھون سنواريو

ٽنڊو الهيار تعلقي ۾ ڪل 24 ديھون واقع آهن.

ٽنڊو الهيار تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آمري 2 ڀاڻوڪي 3 ڀٽي 4 بڪيرائي
5 دالڪي 6 دڙو قبي 7 ڍنڍ شاھ 8 ڍورو لکمير
9 گھٻ 10 گجو 11 ڪامارو 12 کوکر
13 لاکير 14 ماڙيجي 15 محموداڻي 16 ناھڪي
17 نصرپور 18 پاڪ سنگھار 19 ريڇل 20 شيخ موسو
21 سھڻا بڪيرا 22 ٽنڊوالھيار 23 واڳودر 24 وساڻڪي

آبادي سنواريو

2004 جي ڪاٿن مطابق تعلقي ٽنڊي الهيار جي ڪل آبادي 3,02,508 ھئي جن مان 1,57,238 مرد ۽ 1,45,270 عورتون ھيون. آبادي جي گھاٽائي في ڪلوميٽر 595 ماڻھو ھئي[2].

آبپاشي سنواريو

ھن تعلقي مان نصير واھ ۽ سرفراز واھ وھن ٿا جيڪي روھڙي ڪئنال مان پاڻي کڻن ٿا. ان کان سواءِ روھڙي ڪئنال، سرفراز واھ ۽ نصير واھ مان نڪرندڙ شاخون پڻ آهن جن ۾ کيساڻو شاخ، شيخ موسیٰ شاخ، ناڳڻا ڊسٽري، زئونر شاخ، چاڪر ڊسٽري، بلگي شاخ ۽ لانڍي شاخ 1 شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 › sindhPDFWeb resultstando allahyar summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...
  2. 2.0 2.1 2.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named رليف
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]