يو سي 40 ٽاٽڙي (انگريزي: U C 40 Tatri) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,619 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ٽاٽڙي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دادو ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي راڌڻ موئن جو دڙو روڊ کان لنڪ روڊ ذريعي ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ميتلا، جکرا، چانڊيا، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ خيرو جھتيال (آبادي 5,100)، ديھ ٽاٽڙي (آبادي 5,519)، ڳوٺ ٽاٽڙي، ڳوٺ جکرا، ڳوٺ علي مراد چانڊيو، ڳوٺ خيرو جھتيال, ڳوٺ پير بخش زھري ، ڳوٺ عالماڻي، ۽ ٻيا شامل آهن.

ٽاٽڙي
يو سي 40 ٽاٽڙي
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 4
ٽاٽڙي is located in سنڌ
ٽاٽڙي
ٽاٽڙي
ٽاٽڙي is located in Pakistan
ٽاٽڙي
ٽاٽڙي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°16′03″N 68°03′31″E / 27.26750°N 68.05861°E / 27.26750; 68.05861مڪانيت: 27°16′03″N 68°03′31″E / 27.26750°N 68.05861°E / 27.26750; 68.05861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 10,619

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد رحيم ميتلو ۽ وائيس چيئرمين شاھد حسين جھتيال چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ پير بخش بروهي جو عبدالغفور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. مڊل سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/