يوڪيريئوٽا
يوڪيريئوٽس (انگريزي: Eukaryotes) اھڙن جاندارن جو نالو آھي جنھن جي جيو گھرڙي کي جھلي ۾ ويڙھيل مرڪز (انگريزي: cell nucleus) ھوندو آھي. جڏھن تہ بئڪٽيريا ۽ آرڪائيا کي مرڪز ڪانہ ٿيندو آهي. [3] [4][5]يوڪيريئوٽس جو تعلق يوڪيريئوٽا يا يوڪيريا سان آھي. لفظ يوڪيريئوٽا يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: εὖ (یو: معني چڱو يا سچو) ء κάρυον (ڪيريون: معني گورو).
يوڪيريئوٽس Temporal range: اوروسيريئن -اڃان تائين موجود - سانچو:ھڪ ڊگھي دؤر وارو پنڊپھڻ | |
---|---|
![]() | |
يوڪيريئوٽس ء ان جي قسمن جا مثال- ڪلاڪ وائيز مٿان کان کاٻي پاسي:ڳاڙھي رازي ماکي جي مک، بوليٽس ايڊيولسچمپنيزي آئسوٽرائيڪا انٽيسٽنلس | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | يوڪيريئوٽا |
ڪنگڊمز آف يوڪيريئوٽا[2] يا سپر گروپ | |
يوڪيريئوٽڪ جاندارن مان جيڪي جانورن ، ٻوٽن ۽ فنگاء جي ڪنگڊمن يا تقسيمن ۾ شامل ڪري سگھڻ جھڙا نہ ھوندا آھن تہ کين پروٽيسٽا جي ڪنگڊم م رکيو ويندو آهي |
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b8/Endomembrane_system_diagram_en.svg/300px-Endomembrane_system_diagram_en.svg.png)
يوڪيريئوٽڪ جاندارن جي جيو گھرڙن جا عضو جھلين (انگريزي: membrane) ۾ ویڙھيل ھوندا آھن. ڪجهه ٻوٽن ۽ الجاء جي جيو گھرڙن ۾ ڪلوروپلاسٽ پڻ ھوندو آھي. انھن جي جھلي دار نظام کي اينڊو ميمبرين سڏيو ويندو آهي.[6] گھرڙن جو مرڪز ٻٽي جھلي ۾ ويڙھيل ھوندو آھي جنھن کي نيوڪلس ميمبرين يا نيوڪلس جو لفافو بہ چوندا آھن جنھن ۾ سنھا سوراخ ھوندا آھن جن ذريعي مادا اندر داخل يا خارج ٿيندا آهن.[7] اھي بناوٽ جون خاصيتون ھڪ گھرڙيائي جاندار(انگريزي: unicellular) آرڪيئا ء بئڪٽيريا ۾ نہ ھونديون آھن. يوڪيريئوٽس گھڻ گھرڙيائي جاندار (Multicellular) ھوندا آھن ۽ انھن جا گھرڙا پاڻ ۾ ملي مختلف نمونن جا تاندورا (انگريزي: tissue) ٺاھيندا آھن. جانور ۽ ٻوٽا سڀ کان وڌيڪَ سڃاتل يوڪيريئوٽس آھن. يوڪيريئوٽس جاندارن م پيدائش جو ھڪ طريقو جنسي ميلاپ وارو ھوندو آھي جنھن کي ميئوسس (انگريزي: meiosis) جنھن ۾ ھڪ گھرڙو ورھائجي ٻن ھڪ جھڙن جينياتي بناوٽ وارن گھرڙن م تبديل ٿي ويندا آهن. پيدائش جو ٻيو طريقو وري جنسي ميلاپ کان سواءِ ٿيندو آهي جنھن کي مٽوسس (انگريزي: mitosis) چوندا آهن جنھن م ڊي اين اي جو پيدائشي عمل (انگريزي: DNA replication) گھرڙي جي تقسيم جي ٻن ڦيرن سان چار ھیپلائڊ (انگريزي: haploid daughter cells) پيدا ڪندا آهن جيڪي جنسي گھرڙن يا گميٽ (انگريزي: gamete) وارو ڪم ڪندا آھن. انھن مان ھر گميٽ کي ڪروموسومز جو ھڪ سيٽ ھوندو آھي. [8]دنيا جي ننڍن جاندارن جون سموريون برادريون ھن حياتياتي دائري سان تعلق رکن ٿيون.[9] يوڪيريئوٽا جاندارن جي شروعات 1.6 ارب سال کان 2.1 ارب سالن واري دؤر ۾ ٿي جنھن کي پروٽيروزائڪ دؤر(انگريزي: Proterozoic eon) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/d2/Mitochondrion_structure.svg/300px-Mitochondrion_structure.svg.png)
مٽوڪونڊرين سواءِ ھڪ قسم جي جملي سڀني يوڪيريئوٽا جي گھرڙن جو ھڪ ننڍڙو جزو يا عضوو آھي.رڳو ھڪ يوڪيريئوٽا، جنھن جو نالو مونوسيرڪامنائڊز (انگريزي: Monocercomonoides) آھي، اھو عضوو وڃائي ڇڏيو آهي.[10]مٽوڪونڊريا گھرڙي اندر کنڊ کي ايڊينوسائن ٽراء فاسفيٽ ۾ تبديل ڪري يوڪيريئوٽڪ گھرڙي کي توانائي فراھم ڪندو آهي .[11]مٽوڪونڊريا م پنھنجو الڳ قسم جو ڊي اين اي(انگريزي: DNA), ٿئي ٿو جيڪو بناوٽ ۾ بئڪٽيريا جي ڊي اين اي وانگر ھوندو آھي جيڪو rRNA ۽ tRNA جينز کي پنھنجي ضابطي ۾ رکندو آهي ۽ آر اين اي(انگريزي: RNA) کي پيدا ڪندو آھي, جنھن جي مشابهت يوڪيريئوٽا جي ڀيٽ ۾ بئڪٽيريا جي آر اين اي (انگريزي: RNA) سان وڌيڪ ھوندي آھي. [12]
تاريخ
سنواريويوڪيريئوٽا وارو خيال ھڪ فرينچ حياتياتي ماھر ايڊورڊ چئٽن(انگريزي: Edouard Chatton)(1883-1947) سان منصوب ڪيو ويندو آهي. لفظ پروڪيريئوٽ(انگريزي: prokaryote) ۽ يوڪيريئوٽ(انگريزي: eukaryote) وري ڪيناڊا جي حياتياتي ماھر راجر اسٽينيئر ۽ آمريڪا جي ڊچ نسل واري مائڪروبائيولاجي جي ماھر سي.بي.وان نيل(انگريزي: C. B. van Niel) 1962 ۾ ٻيھر متعارف ڪرايا.
حوالا
سنواريو- ↑ "Tracing back EFL gene evolution in the cryptomonads-haptophytes assemblage: separate origins of EFL genes in haptophytes, photosynthetic cryptomonads, and goniomonads". Gene 441 (1–2): 126–31. July 2009. doi: . PMID 18585873. http://linkinghub.elsevier.com/retrieve/pii/S0378-1119(08)00219-9.
- ↑ "The revised classification of eukaryotes" (PDF). The Journal of Eukaryotic Microbiology 59 (5): 429–93. September 2012. doi: . PMID 23020233. PMC 3483872. http://www.paru.cas.cz/docs/documents/93-Adl-JEM-2012.pdf.
- ↑ Youngson, Robert M. (2006). Collins Dictionary of Human Biology. Glasgow: HarperCollins. ISBN 0-00-722134-7.
- ↑ Nelson, David L.; Cox, Michael M. (2005). Lehninger Principles of Biochemistry (4th ed.). New York: W.H. Freeman. ISBN 0-7167-4339-6.
- ↑ Martin, E.A., ed (1983). Macmillan Dictionary of Life Sciences (2nd ed.). London: Macmillan Press. ISBN 0-333-34867-2.
- ↑ Linka, Marc; Weber, Andreas P.M. (2011). "Evolutionary Integration of Chloroplast Metabolism with the Metabolic Networks of the Cells". Functional Genomics and Evolution of Photosynthetic Systems. Springer. p. 215. ISBN 978-9400715332. https://books.google.com/books?id=WfzEgaLibuwC&pg=PA215.
- ↑ "The nuclear envelope". Cold Spring Harbor Perspectives in Biology 2 (3): a000539. March 2010. doi: . PMID 20300205.
- ↑ Zimmer C. "Scientists Unveil New 'Tree of Life'". The New York Times. حاصل ڪيل 2016-04-11.
- ↑ "Prokaryotes: the unseen majority" (PDF). Proceedings of the National Academy of Sciences of the United States of America 95 (12): 6578–83. June 1998. doi: . PMID 9618454. PMC 33863. Bibcode: 1998PNAS...95.6578W. http://www.pnas.org/cgi/reprint/95/12/6578.pdf.
- ↑ "A Eukaryote without a Mitochondrial Organelle". Current Biology 26 (10): 1274–1284. May 2016. doi: . PMID 27185558.
- ↑ "Re: Are there eukaryotic cells without mitochondria?". madsci.org.
- ↑ Watson, James; Hopkins, Nancy; Roberts, Jeffery; Steitz, Joan Argetsinger; Weiner, Alan (1988). "28: The Origins of Life" (English ۾) (Hardcover). Molecular Biology of the Gene (Fourth ed.). Menlo Park, CA: The Benjamin/Cummings Publishing Company, Inc.. p. 1154. ISBN 0-8053-9614-4.