وڪڙو (قمبر)
ديھ وڪڙو: (انگريزي: Deh Wakro ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڪڙو تپي ۾ واقع آهي.
وڪڙو (قمبر) ديھ وڪڙو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Wakro | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°39′22″N 67°47′40″E / 27.65611°N 67.79444°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,687 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود ھن ديھ جي 1893ع واري نقشي مطابق ھتي ڪوبه ڳوٺ واقع نہ ھيو، ۽ ان وقت اھا ضلعي شڪارپور جي ديھ ھئي بعد ۾ جڏهن لاڙڪاڻو ضلعو ٺھيو تي قمبر تعلقو ان ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو، ڳوٺ سھراب خان چانڊيو ۽ ديھ نبي بخش چانڊيو واقع آھن.
جاگرافي
سنواريوديھ جي اتر ۾ ديھ ڪور حسن ۽ ديھ ڌيرو، اولھ م ديھ وارياسو، ڏکڻ م نوزمان جاگير ۽ ديھ فتوحل واھ ۽ اوڀر ۾ ديھ ڪور سليمان ۽ ديھ ڪڙيو مراد علي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,687 ھئي جيڪا 306 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].