وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو نومبر

انڊس فش علامت ۽ وشنو هڪ ٻيو دلچسپ اتفاق آهي ته ’وشنو سهاسرا نالي‘ وشنو کي مڇي جي طور تي بيان ڪري ٿو ـ روهتييا. انٽيگلي سيل (H97-3433 / 7617-01) اسڪرپٽ سان گڏ 1997. اهو مهر تقريبن 2200 ق.م تي ٿئي ٿو ، هڙپا دورن 3B ۽ 3C جي وچ ۾ منتقلي تي.

سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب(انگريزي: Indus Valley Civilization) سن 3300 کان 1700 قبل مسيح تائين قائم رھڻ واري انسان جي چند شروعاتي تھذيبن مان هڪ آهي. هي سنڌو ماٿريء جي ميدان ۾ سنڌو درياھ ۽ ان ۾ ڪرندڙ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. موهن جو دڙو ۽ ھڙپه هن جا اهم مرڪز هيا. هن تھذيب جا ماڻھو  گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هيا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هيا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھيا. هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هيا.

سنڌو ماٿري جا اهم ماڳ ڳاڙهن ٽٻڪن سان واضع ٿيل آهن

سنڌ جي وادي جو ميدان:سنڌ جي وادي مان مراد سنڌوندي ۽ انجي معاون درياهن جهلم درياھ، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل درياھ جي آس پاس جي ميداني علاقن کي عرف عام ۾ "سنڌ جي وادي" چيو ويندو آهي۔ سنڌ جي وادي سلسلو ڪوھ هماليہ، سلسلو ڪوھ قراقرم ۽ سلسلو ڪوھ هندوڪش جي پهاڙي سلسلن کان نڪرڻ وارن درياهن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ ان پهاڙي سلسلن جي ڏکڻ ۾ واقع آهي۔ تقريباََ پورو پاڪستان سنڌ جي وادي تي مشتمل آهي۔ زرخيز زمين، مناسب پاڻي ۽ موزون گرمي پد جي وجھ سان سنڌ جي وادي زراعت ۽ انسانر رهائش جي لاءَ موزون آهي۔ ان ئي وجھ سان انسان جون ابتدائي وستيون سنڌ جي وادي ۾ آباد ٿيون جيڪي بالآخر سنڌ جي تهذيب (انگريزي: Indus valley civilization) چورايون۔

سوٽي ڪپڙو جنھن کي انگريزي ۾ ڪاٽن چوندا آهن اهو به هنن جي ايجاد هئي. کنڊ ۽ شطرنج دنيا جي لاء هن تھذيب جا انمول تحفا آهن. سنڌو ماٿريء جي تھذيب جي دولت هزارن سالن کان ماڻھن کي پنھنجي طرف ڇڪيو آهي. گمان ڪيو ويندو آهي ته هندستان ۾ تمدن جو بنياد آرين 1500 قبل مسيح ۾ وڌو هيو. ان کان پهرين هتان جا رهاڪو جھنگلي ۽ تھذيب کان نا واقف ھيا. پر بعد جي تحقيقن هن نظريي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هن ملڪ جي تاريخ کي ڏيڍ ھزار سال پوئتي ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي آثارن جي دريافت ٿيڻ کان پوء خبر پئي ته هتان جا رهاڪو آرين جي اچڻ کان ڪافي اڳ تھذيب ۽ تمدن جا مالڪ هيا.