وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو سيپٽمبر

1970ع جون پاڪستاني عام چونڊون، قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت لاءِ 7 ڊسمبر 1970ع تي ٿي گذريون. ھي چونڊون پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ پهريون سڌيون عام چونڊون هيون ۽ بنگلاديش جي آزادي تائين آخري چونڊون ثابت ٿيون. 300 عام تڪن ۾ چونڊون ٿيون، جن مان 162 تڪ اوڀر پاڪستان ۽ 138 تڪ اولھہ پاڪستان ۾ هئا. ھنن چونڊن ۾ عوامي ليگ جي فتح ٿي، پر چونڊن کان پوءِ صدر يحييٰ خان اسيمبليءَ جو افتتاحي اجلاس طلب نہ ڪيو ۽ نور الامين کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو، جنھن سبب اوڀر پاڪستان ۾ وڏي بيچيني ڦھلجي وئي. يحيٰ خان جي حڪم سان شروع ڪيل آپريشن سرچ لائيٽ ويتر حالتون خراب ڪيون، جنھن سبب پاڪستان ٽٽي ويو ۽ بنگلاديش جي نالي سان ھڪ نئون ملڪ وجود ۾ آيو.