وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو آگسٽ

گوادر جي خريداري جو عمل 8 سيپٽمبر، 1958ع تي مڪمل ٿيو، ان کان اڳ گوادر عمان جو حصو ھو. ھي علائقو 15،210 چورس ڪلوميٽر تي مشتمل ھو، جنھن کي 5.5 ارب روپين جي عيوض عمان کان خريد ڪيو ويو. ھن رقم جو گهڻو حصو آغا خان ادا ڪيو ھو. اهو معاهدو پاڪستان جي وزيراعظم، فيروز خان نون ۽ عمان جي سلطان سعيد بن تيمور جي ڪوششن سان ٿيو. ھن معاھدي دوران ڳالھين ۾ برطانيا پڻ ٻنھي ملڪن جي مدد ڪئي. معاھدي ۾ اھو پڻ شامل ھو تہ گوادر ۾ رھندڙ ماڻھن کي پاڪستان جي شھريت ڏني ويندي، ۽ انھن وٽ عمان جي شھريت پڻ رھندي، ان کان سواءِ اتان نڪرندڙ تيل جي آمدني مان پڻ عمان کي حصو ڏنو ويندو. سرڪاري طور تي 8 ڊسمبر، 1958ع تي گوادر جي زمين باضابطہ طور پاڪستان جو حصو بڻجي ويو.