وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو آگسٽ

ولاديمير لينن ۽ ٻيا بالشويڪ اڳواڻ 1919ع ۾ ريڊ اسڪوائر تي لازمي فوجي سکيا وارن جٿن جو معائنو ڪندي
ماسڪو يورپ ۾ ھڪ وڏو مالياتي مرڪز آھي. اھو دنيا جي سڀ کان وڏين شھري معيشتن ۾ شامل آھي

روس (انگريزي: Russia ) روسي ٻولي ۾ Россия (روسيا)، سرڪاري نالو رشين فيڊريشن (روس جو وفاق) جنھن کي روسي ٻولي ۾ روسياسڪايا فيڊريٽسيا سڏيندا آهن. يوريشيائي جي ھڪ وفاقي ريپبلڪ آھي. اھو پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ 17,075,200 چورس ڪ م يا 6,592,772 چورس ميل آهي جيڪو انساني ابادي واري دنيا جو اٺون حصو آھي. ھن ملڪ جي ان وسيع پکيڙ ۾ 11 ٽائيم زون اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ روس جي سرحد سڀ کان وڌيڪَ ملڪن سان لڳي ٿي جن جو تعداد 14 آھي. ان جي اتر اولهه کان ڏکڻ اوڀر جي طرف روس جون زميني سرحدون ناروي، فنلينڊ، استونيا، لٽويا، لٿووينيا ۽ پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قازقستان، چين، منگوليا، ۽ اتر ڪوريا سان ملن ٿيون۔ جڏهن ته هن جون آبي سرحدون جاپان کان اخوتسڪ سمنڊ، گڏيل آمريڪي رياستن جي ریاست الاسڪا کان بيرنگ سمنڊ ۽ ڪئناڊا جي ڄميل سمنڊ طرف اتر جا ٻيٽ ملن ٿا. روس جي آبادي 14،62،00،000 آهي. آبادي ۾ اھو يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. دنيا جي وڏي آبادي وارن ملڪن ۾ ان جو نمبر نائون آھي ان جي گادي جو هنڌ ماسڪو شھر آھي جيڪو يورپ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. سينٽ پيٽرز برگ روس سميت يورپ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آھي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي بعد روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ روسي فيڊريشن ۾ تبديل ٿي ۽ 1993ع ۾ نئين آئين ذريعي وفاقي نيم صدارتي نظام قائم ڪيو ويو. سن 2000ع کان وٺي ھن ملڪ جو صدر ولاديمير پيوٽن آهي.

انساني ترقيءَ جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو دنيا ۾ 52ھون نمبر آھي. ملڪ ۾ يونيورسٽي تائين تعليم مفت فراھم ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جي معيشت دنيا جي طاقتور معيشتن ۾ شامل آھي ۽ ناليوار جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ يارھون نمبر آھي.