وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو مارچ

ڪوروناوائرس جي ڊول وِديا (مورفولوجي) جو چِٽ خاڪو
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ

ڪوروناوائرس هڪ وائرس گروپ آهي، جيڪو کيرپياريندڙ جانورن (ميملز) سميت انسانن ۽ پکين م بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.انسانن ۾، وائرس ساهہَ کڻڻ جي وچڙندڙ رَوڳ (ريسپائريٽري انفيڪشن) جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو عام طور ، هلڪو هوندو آهي، پر اَڻ لڀ حالتن ۾، پڻ موتمار ٿي سگهي ٿو.ڳَئوُن ۽ سوئرَ ۾ اهو پيٽ جا گُهمرا (دستن،ڊائيريا) جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پَر ڪُڪِڙين (چُوزَنِ) ۾ هي ساهه جي مٿانهين بيماريءَ جو ڪاَرَڻُ بڻجي سگهي ٿو.هن بيماري جي روڪَ، بچاءُ يا علاج جي لاءِ اهڙي ڪابہ ويڪسين يا اينٽيوائرل دوا يا جڙي ٻوٽي منظورٿيل ناهي. ڪوروناوائرس آرٿوڪوروناوائريئني خاندان جي ڪُٽنبَ ڪوروناوائرئڊاءِ، نيڊوائرالس ترتيب ۾ هڪ وائرس آهي. ڪورونا وائرس هڪ مثبت-احساس (پازيٽو-سينس) وارو يگانو-اٽڪي-ڦاٿل آر اين اي جينوم سميت ۽ پيچدار توازن جي نيوڪليوڪيپسيڊ سان گڏ ويڙهيل وائرسَ آهن.ڪورونو وائرس جي جینومڪ مقدارُ اَٽڪل 26 کان 32 ڪلوبيسزتائين هوندو آهي، جيڪو هڪ آر اين اي وائرس جي لاءِ سڀ کان وڏو آهي. "ڪوروناوائرس" جو نالو لاطيني ڪورونا ۽ يوناني (ڪوروين، "مالها، گلن جو هار") تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ تاج يا تجليءَ جو نشان آهي.ان جو مطلب اليڪٽران مائڪروسڪوپي وسيلي وائرونس جي نمايان خاصيت يا شڪل (وائرس جي وچڙندڙ روڳي شڪل) آهي، جنهن ۾ سطح جا وڏا جهالر، مٿي اڀاريل بلبوئس جو هڪ تناسب آهي جيڪو شاهي تاج يا شمسي ڪورونا سان ڌيان ڇڪائيندڙ عڪس ٺاهين ٿا.هي ڊول وديا واري شڪل (مورفولوجي) وائرل اسپائيڪ پيپلومرز پروٽين پاران تيار ٿئي ٿي، جيڪي وائرس جي سطح کي آباد ڪندا آهن ۽ ميزبان ٽراپزم کي بيهاريندا آهن.پروٽين جيڪي سمورن ڪورونوائرس جي گڏيل ڊول (بناوت، صورت) ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار نڀائين ٿا سي چھنبياري سيخ (اسپائڪ)، ويڙهيل ڍڪڻ، جهلي (ميمبرين) ۽ نيوڪليوڪيپسڊ آهن. سارس ڪورونا وائرس (SARS coronavirus) جي مخصوص حالت ۾ (هيٺ ڏسو)، وائرس جي ايس (S) رسيپٽر بائنڊنگ ڊومين تي مقرر ڪيل سيلولر رسيپٽر، انجيوٽينسين-بدلائيندڙ انزائم 2 (ACE2) سان لاڳاپو پيدا ڪن ٿا. ڪجھ ڪوروناوائرس (خاص طور تي بيٽاڪورناوائس جي ذيلي گروپ اي (A) جهلي يا ميمبرين) ۾ هيماگلوٽين ايسٽريس (ايڇ اي HE) نالي هڪ ننڍڙي-اسپائڪ جهڙو پروٽين پڻ آهي.ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.

ڪوروناوائرس جي وبا، 2019ع - 2020ع (هن کي ووهان ڪورونا وائرس يا چيني نمونيا يا ووهان نمونيا (چيني ٻولي ۾:武漢肺炎) پڻ سَڏيو ويندو آهي) ڊسمبر 2019ع ۾ مرڪزي چين جي شهر ووهان ۾ پکڙجي وئي جتي اَڻڄاتل سبب جي ڪري نمونيا کان مُتاثر مريضن جي هڪ گروپ ۾ ڪورونا وائرس (COVID-19) مليو.