سوئر
سوئر (انگريزي: Pig، عربي: خنزير، فارسي: خوک، اردو: سور، براهوئي: ذوالقور ۽ ڪرنڪول) ڪاري ۽ ڀوري رنگ جو هڪ جهنگلي جانور آهي.
گھريلو سوئر يورپ، اولھه ايشيا ۽ اتر آفريڪا جي جھنگلي سوئر مان آھي. ان کي آزاد ڪرڻ سان جلد ئي جھنگلي حالت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جھنگلي سوئر ننڍين ننڍين ٽولين ۾ رھندا آھن ۽ ھڪ ٻئي سان ڏاڍا وفادار رھندا آھن. کاڌي کائڻ وقت لڳندو آهي تہ انھن ۾ ھڪ ٻئي لاء پيار ڪونھي. جھنگلي سوئر گھڻو ڪري ٻوٽن جي پاڙن تي گذران ڪندا آهن. جن کي ھو پنھنجي طاقتور سونڍ يا وڄن سان کوٽي ٻاھر ڪڍندا آهن. چين ۽ مشرقي ملڪن جي سوئرن جو نسل ھندوستان جي جھنگلي سوئرن سان ملي ٿو جيڪو يورپي جھنگلي سوئرن کان بلڪل مختلف آهي.[1]
طب
سنواريوخاصيت: هن جو ڇيڻو سرڪي ۾ حل ڪري پاسي جي سور ۽ سيني جي سور تي ضماد ڪرائجي. هن جي چرٻي آلت جي نبضن کي طاقت ڏئي ٿي. جي سنڌن جي سور ۽ سوڄ تي مالش ڪرائجي ته به فائدو ٿيندو. هن جا هڏا ۽ ڏند ننڍن ٻارن کي ٻڌجن ته مرگهي ۽ ڊيڄوڙي لاءِ مفيد آهن. هن جو گوشت قوت باهه پيدا ڪري بدن کي ٿلهو ڪري ۽ عقل کي چٽ ڪري. (مسلمانن وٽ حرام آهي).[2]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛ پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. صفحو: 25
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن:2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.