ويسٽ تيمور يا اولھ تيمور يا مغربي تيمور (انگريزي: West Timor ) انڊونيشيا جو علائقو جيڪو تيمور ٻيٽ تي واقع آهي. تيمور ٻيٽ ايسٽ تيمور ۽ ويسٽ تيمور ۾ ورھايل آھي. ان ٻيٽ جو اولھ وارو حصو اوئيڪس پرڳڻي (ايسٽ تيمور جي اينڪليو) کانسواءِ سمورو اولھ تيمور سڏبو آهي. اولھ تيمور انڊونيشيا جي صوبي اوڀر نيوسا ٽينگارا جو ھڪ حصو آهي. ويسٽ تيمور جي گادي جو هنڌ ڪوپانگ شھر آھي. ڪالوني واري دؤر ۾ ان علائقي کي ڊچ تيمور سڏيندا هئا[2][3] 1949ع کان 1975ع تائين ان جو نالو انڊونيشيائي تيمورھيو[4][5] تيمور لفظ جي معني اوڀر آھي. انڊونيشيائي ٻولي ۾ اوڀر کي آڪسيمورون سڏين ٿا. ويسٽ تيمور جو مقامي نالو تيمور بارات آھي جنھن جي معنيَ آهي اولھ تيمور آھي. ويسٽ تيمور جي لفظي معني اولھ اوڀر آھي. ويسٽ تيمور جي پکيڙ 16٬264.78 km2 (6٬279.87 sq mi) آهي. ان جي سڀ کان اوچي جابلو چوٽي ميوٽس جبل آھي جيڪو سامونڊي سطح کان 2٬427 ميٽر (7٬963 ft) اوچو آهي. ويسٽ تيمور جي مکيه ٻوليون داوان، ڪَيمَڪ، بَونَڪ، ھَيلانگ ۽ ٽيٽُم آھي.

ويسٽ تيمور
تيمور بارات
ڊچ تيمور
انڊونيشيائي تيمور
خطو
تيمور ٻيٽ ۾ اولھ تيمور جو مقام
تيمور ٻيٽ ۾ اولھ تيمور جو مقام
ملڪ  انڊونيشيا
صوبو  ايسٽ نوسا ٽينگارا
شھر ڪوپانگ
ريجنسيون بيلو ريجنسي، ڪوپانگ ريجنسي، ملاڪا ريجنسي، روٽ اينڊيئو ريجنسي، سابو رائجوئا ريجنسي، نارٿ سينٽرل تيمور، سائوٿ سينٽرل تيمور
پکيڙ
 • ڪل 16,264.78 ڪ.م2 (6,279.87 ميل2)
بلندي (
ميوٽس جبل)
2,427 ميل (7,963 ft)
آبادي (2019)[1]
 • ڪل 1,978,000

حوالا سنواريو

  1. "Indikator Strategis Nusa Tenggara Timur". BPS (ٻولي ۾ Indonesian). حاصل ڪيل 18 December 2019. 
  2. Great Britain. Foreign Office. Historical Section (1920), Dutch Timor and the Lesser Sunda Islands, H.M.S.O, حاصل ڪيل 17 January 2014 
  3. Area study of Dutch Timor, Netherlands East Indies, Allied Geographical Section, 1943, hdl:1959.1/1180950, حاصل ڪيل 17 January 2014  Unknown parameter |hdl-access= ignored (مدد)
  4. "Political refugees 'flock' to Indonesian Timor.". The Canberra Times: p. 1. 25 February 1975. http://nla.gov.au/nla.news-article110630384. Retrieved 17 January 2014. 
  5. "10,000 waiting to go' to Indonesian Timor.". The Canberra Times: p. 3. 4 September 1975. http://nla.gov.au/nla.news-article110656705. Retrieved 17 January 2014.