اوئيڪس (انگريزي: Oecusse ) يا اوئيڪس پرڳڻو (انگريزي: Oecusse Exclave ) () اوئيڪس امبينو اوڀر تيمور جو مخصوص انتظامي علائقو يا اسپيشل ايڊمنسٽريٽو ريجن (ايس اَي آر) ۽ اوڀر تيمور جي ميونسپالٽي جو نالو آهي جيڪا تيمور ٻيٽ تي ملڪ کان الڳ ڪجهه فاصلي تي واقع پرڳڻو يا ايڪسڪليو آھي. ان جي ھڪ طرف سمنڊ ۽ باقي چوڌاري انڊونيشيا ملڪ واقع آهي. ان جو صدر مقام پانٽي ماڪاسر شھر آھي. ھن علائقي يا ميونسپالٽي جي پکيڙ 814 چورس ڪ ۾ (314 چورس ميل) آھي. 2015 جي آدمشماري مطابق ھتان جي آبادي 68,913 آھي جنھن ۾ وڏو تعداد اٽوني نسل جي ماڻھن جو آهي جيڪي 20,000 جي لڳ ڀڳ آهن. ھن علائقي جا 99.3 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آھن باقي ۾ 0.6 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ مذهب سان تعلق رکن ٿا. 0.1 سيڪڙو ب۾ ھندو، مسلمان ۽ ٻيا شامل آهن

اوئيڪس پرڳڻو
Oecusse Exclave

Oé-Cusse Ambeno
Oecussi Ambeno
ميونسپالٽي ۽
مخصوص انتظامي علائقو
اوئيڪس پرڳڻو Oecusse Exclave
جھنڊو
اوئيڪس پرڳڻو Oecusse Exclave
مھر
اوڀر تيمور جو نقشو جنھن ۾ اوئڪس پرڳڻو نمايان ڏيکاريل
اوڀر تيمور جو نقشو جنھن ۾ اوئڪس پرڳڻو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 9°20′S 124°18′E / 9.333°S 124.300°E / -9.333; 124.300مڪانيت: 9°20′S 124°18′E / 9.333°S 124.300°E / -9.333; 124.300
صدر مقام پانٽي ماڪاسر
حڪومت
 • ايس اي آر اوئيڪس امبينو جو صدر ارسينيو بانو (فريٽيلن)
پکيڙ
 • ڪل 814 ڪ.م2 (314 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 8ون نمبر وڏي ميونسپالٽي
آبادي (2015 آدمشماري)
 • ڪل 68,913

اوئيڪس ۽ امبينو يورپين جي آمد کان اڳ ھتي جون ٻہ ننڍڙيون بادشاھتون ھيون. يورپين جي بہ تيمور ٻيٽ تي آمد سڀ کان اول ان علائقي ۾ ٿي ھئي.

انتظامي ورهاست سنواريو

 
اوئيڪس جون سب ڊويزنون
 
اوئيڪس جون نديون ۽ شھر

اوئيڪس چئن انتظامي پوسٽن ۾ ورھايل آھي (جن کي پھرين ذيلي ضلعا سڏيندا ھئا):[2][3]

اھي چارئي انتظامي پوسٽون وري 18 سوڪوس (ڳوٺَ) ۾ ورھايل آھن

حوالا سنواريو

  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  2. "Oe-Cusse Suco Reports". Timor-Leste Ministry of Finance. 
  3. سانچو:HD of East Timor