رومانويت (Romanticism) ڪلاسيڪت ۽ رومانويت دراصل ٻه متضاد ادبي رجحان آهن. عام طور چيو ويندو آهي تہ “رومانويت” ادب ۽ زندگي جي فرسوده رسمن خلاف بغاوت هئي ۽ انفرادي احساس ۽ تخيل جي هڪ سوڀ هئي.رومانوي ادب جي خوبين ۾ جذباتيت، قدرتي منظرن ۾ دلچسپي، تصوف، انفراديت پسندي، نيوڪلاسيڪي رجحان ۽ ھر ادبي قانون کان بغاوت، کوٺاڻي زندگيءَ ۾ دلچسپي، تخيل جي مڪمل ازادي، قدرتي مظاھرن ۾ دلچسپي، انساني حقن ۾ دلچسپي، ديو مالائن ۾ دلچسپي، جماليات پسندي، روحانيت، تصوف، سونھن ۽ سچ جي تلاش، انسان جي سٺائيءَ ۾ ايمان، ذاتي موضوعن ۾ دلچسپي، شاعريءَ ۾ علامتن ۾ اظھار، حيوانن جي زندگيءَ ۾ دلچسپي، ناول نويسي ۾ جذبات نگاري وغيره شامل اھن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.