وفاقي انتظامي قبائلي علائقا
فاٽا | ||
ايراضي: | 27,220 km² | |
آبادي: | 5,600,000 |
وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا یا "پاڪستان جا قبائلي علائقا" چئین صوبن کان الڳ حيثيت رکندڙ ھڪ خطو ھيو جيڪو وفاق جي انتظام ھيٺ ھيو. سال 2018 ۾ آئيني ترميم ھيٺ ھن علائقي کي صوبي خيبر پختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو. قبائلي علائقا 27 ھزار 220 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي پکڙيل ھيا.
اولھ ۾ ھن علائقن جي سرحد افغانستان سان ملي ٿي جتي ڊيورنڊ لائين انھن کي افغانستان کان جدا ڪري ٿي. قبائلي علائقن جي اوڀر ۾ پنجاب، پاڪستان صوبو ۽ ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آھي.
سال 2000 جي مطابق قبائلي علائقن جي ڪل آبادي 33 لک 41 ھزار 70 ھئي، جيڪا پاڪستان جي ڪل آبادي جو تقريبن 2 سيڪڙو پئي ٿي. ھي قبائلي علائقا مختلف پشتون قبيلن ۾ ورھايل آھي. ھنن علائقن کي مختلف ايجنسين ۾ ورھايو ويو ھو.
قبائلي علائقن جو ايجنسيون
سنواريوھن ڀاڱي ۾ نئين معلومات جي ضرورت آھي.
تصغیر|وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا قبائلي علائقا ھنن 7 ايجنسين/ضلعن تي مشتمل ھيا.
- خيبر ايجنسي
- ڪرم ايجنسي
- باجوڙ ايجنسي
- مھمند ايجنسي
- اورڪزئي ايجنسي
- اتر وزيرستان
- ڏکڻ وزيرستان
ان کان علاوه پشاور، ٽانڪ، بنون، ڪوھاٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان سان ملندڙ 6 سرحدي علائقا بہ موجود آھن.
- سرحدي علائقو بنون
- سرحدي علائقو ڊيرا اسماعيل خان
- سرحدي علائقو ڪوھاٽ
- سرحدي علائقو لڪي مروت
- سرحدي علائقو پشاور
- سرحدي علائقو ٽانڪ
قبائلي علائقن جي اھم شھرن ۾ پاره چنار، ميران شاھ مير علي، باجوڙ، وانا ۽ دره بازار شامل آھن.
تعليم
سنواريوھن وقت پاڪستان جا حڪمران پنھنجي دولت وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين تہ ٻي طرف ھنن انھن غريب ماڻھن کي تعليمي سھولتن کان بہ پري رکيو آھي. نہ ئي انھن جي لاءِ اسڪول ۽ نہ ئي ڪاليج بڻايا ويا آھن اھا ئي وجھ آھي تہ ھنن ماڻھن جي نسبت پاڪستان جي ٻين علائقن جا ماڻھو خصوصاً پختونخوا ۽ پنجاب تعليم ۾ قبيلن کان تمام اڳتي آھن پر قبائلي جيڪي پاڪستاني قوم جو باقاعدو حصو آھن ھو انھن سھولتن کان محروم رھيا آھن.
لاڳاپيل مضمون
سنواريو- پاٽا (صوبائي انتظام هيٺ علائقا)
- پاڪستان جون انتظامي ايڪائيون
- گلگت بلتستان