وزارت دفاع پاڪستان

پاڪستان ۾ هڪ وفاقي وزارت

وزارت دفاع (انگريزي ٻولي: Ministry of Defence، مخفف: MoDحڪومت پاڪستان جي وفاقي وزارت آهي. هن وزارت جو ڪم، پاڪستان جي مفادن جو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ حفاظت ڪرڻ آهي. هي وزارت پاڪستان جي مسلح فوج جي مددگار ۽ ڏيهي توڙي ملڪي ڪيترن ئي حڪومتي قلمدانن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي. هي وزارت بلحاظ مالي خرچ ۽ ملازمن جي ڪابينا جي وڏين وزارتن مان هڪ آهي. هي وزارت پاڪستان جي آئين جي حصي 12 ۽ باب 2 جي پٽاندر هلايو وڃي ٿو.[1] دفاعي سامان جي نيڪال، فراهمي، پيداوار وارا اختيار، هن وزارت کان کسي 2004ع ۾ وزارت دفاعي پيداوار جي حوالي ڪيا ويا آهن.

وزارت دفاع پاڪستان
Ministry of Defence
مهر، حڪومت پاڪستان
ايجنسي تي هڪ نظر
قيام آگسٽ 14, 1947؛ 76 سال اَڳُ (1947-08-14)
دائره ڪار حڪومت پاڪستان
مرڪز قيادت ڪالڪتا هائوس
بينظير ڀٽو روڊ،
راولپنڊي, پنجاب, پاڪستان. 46000
ملازمَ اڻڄاڻيل (شهري)
617,000 (سرگرام)
550,000 (رکيل)
سالياني بجيٽ رپيا860 ارب (آمريڪي ڊالر8.2 ارب)
وزیر حسين هارون (ن), وزير دفاع پاڪستان
ذيلي ايجنسي جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي
پاڪستان فوج جو جهنڊو پاڪستان فوج
پاڪستان بحري فوج جو نشان پاڪستان بحري فوج
هوائي فوج پاڪستان جو نشان پاڪستان هوائي فوج
ويب سائيٽ
سرڪاري ويبسائيٽ

وزير سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو دفاعي وزير پاڪستان

وزير دفاع ڪابينا جو رُڪن هوندو آهي، جنهن کي ڪم فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو آهي. هن وقت نگران وزير دفاع حسين هارون آهي. دفاع جو سيڪريٽري وزارت ۾ وزير جو نائب هوندو آهي، جيڪو فوج مان رٽائر ٿيل آفيسر هوندو آهي. نائب سيڪريٽري جو تعلق پاڪستان فوج جو حاضر سورس آفيسر ٿيندو آهي.[2][3]

ڍانچو سنواريو

  • دفاعي وزير
    • مملڪتي وزير دفاع
    • پارلياماني سيڪريٽري دفاع
    • سيڪريٽري دفاع
      • نائب سيڪريٽري 1 (فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 1 (فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 3 (رابطو)
      • نائب سيڪريٽري 2 (هوائي فوج يا شهري ملازم)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 5 (بجٽ)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 7 (هوائي فو)
      • نائب سيڪريٽري 3 (بحري فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 2 (بحري فوج)
        • جوائنٽ سيڪريٽري 4 (انٽر سروس)

حوالا سنواريو

  1. http://www.pakistani.org/pakistan/constitution/part12.ch2.html Part XII, Chapter II (Miscellaneous)
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-10-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-09 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-12-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-09