هوسڙي (اُچار: هُوسڙِي)(انگريزي: Husri ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي حيدرآباد جو هڪ ننڍو شهر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. هوسڙي حيدرآباد شهر جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جو حصو آهي ۽ حيدرآباد شھر کان پنج ڪلوميٽر ٻاھر حيدرآباد ٽنڊومحمدخان روڊ تي ٿورڙو ھيٺ واقع آھي.

ھوسڙي
Husri
شھر
يونين ڪائونسل
ھوسڙي is located in سنڌ
ھوسڙي
ھوسڙي
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°18′N 68°25′E / 25.300°N 68.417°E / 25.300; 68.417مڪانيت: 25°18′N 68°25′E / 25.300°N 68.417°E / 25.300; 68.417
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو حيدرآباد ضلعو
تعلقو حيدرآباد ٻهراڙي

ھوسڙي جون ديھون سنواريو

هوسڙي يونين ڪا‏ؤنسل ۾ پنج ديهون اچن ٿيون: #پنهنواري ديھ

  1. سنهنوار ديھ
  2. کاٽڙو ديھ
  3. ٻوهڪي ديھ
  4. سکپور ديھ

آبادي سنواريو

هوسڙيءَ ۾ هيءَ برادريون رهن ٿيون: شورا، پنهور، ماڇي، شيدي، ٿيٻا، عمراڻي، چانگ، راجپوت، رانگڙ.[1]

مذھبي سرگرميون سنواريو

هوسڙيءَ ۾ جماعت اصلاح المسلمين جي هڪ برانچ موجود آهي جيڪ صوفياڻي طريقي مطابق تبليغي سرگرميون ڪندي آهي.

حوالا سنواريو