هنڱورجا سنڌ پاڪستان جو هڪ قديم شهر آهي جيڪو قومي شاهراہه تي ڪراچي کان 400 ڪلوميٽر پري ۽ راڻي پور کان 14 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي۔ هنڱورجا انتظامي اعتبار کان تحصيل صوڀوديرو، خيرپور ضلعو جي يونين ڪائونسل آهي۔

هنڱورجا
Hingorja
شهر
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلع خيرپور
تحصيل صوڀوديرو

تسميہ جو ڪارڻ

سنواريو

تاريخ هنڱورجا جو ليکڪ پروفیسر (ر) میرمحمدسومرو چوي ٿو[1]،

تاريخ جي اڀياس مان ڄاڻ ملي ٿي ته هنڱورجا سماٽ (سمه) گهراڻي جي هڪ نُک هئي، جيئن ته هي شهر انهن آباد ڪيو هو، انڪري هن شهر تي هنڱورجا نالو پيو.

ناليوارو نقاد ڊاڪٽر اللہ رکيو ٻُٽ جنهن سماٽ تي ڪتاب لکيو آهي، ان جي کوجنا موجب هنڱورجا سماٽ جي هڪ ذات آهي[2]۔ مرزا قليچ بيگ جو چوڻ آهي ته سمہ خاندان جا جدا جدا پاڙا آهن ۽ انهن ۾ هنڱورجا به نمايان آهن.[3]۔

پکيڙ جي لحاظ کان هي شهر ڏاڍو پُراڻو آهي. شهر جي جُڙڻ جي تاريخ نه ملي سگهي آهي، پر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هي شهر سن 947ھ کان به اڳ موجود هو.[4]

ناليوارا ماڻهو

سنواريو
  • سيد ناصر علي شاهه لڪياري [5](اڳوڻو پير آف هنڱورجا)
  • سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري (قومي اسيمبلي جو ڀاتي)
  • منشي عبدالرؤف سهتو [6](اديب، انشاپرداز)
  • مخدوم غلام عباس صديقي[7] (عالمِ دين)
  • مخدوم هنڱورجو [8](عالمِ دين)
  • مولانا اللہ بخش سومرو (عالمِ دين)
  • پروفیسر (ر) میرمحمدسومرو (مفسر قرآن، شاعر، محقق، تاریخ دان, مصنف تاریخ هنگورجا)
  • نصير سومرو (شاعر)
  • جسٽس (ر) زوار حسين جعفري (اڳوڻو جج سپريم ڪورٽ)
  • ميجر (ر) افتخار حسين زيدي (ليکڪ)
  • محمد موسيٰ سومرو (اڳوڻو سيڪشن آفيسر)
  • ڄام حمزعلي خان سهتو (قانون دان)

ڀرپاسي جا شهر

سنواريو

وڌيڪ ڏسو

سنواريو
  1. تاریخ ہنگورجا ، میرمحمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص21
  2. سماٹ از اللہ رکھیو بُٹ، انسٹیٹیوٹ آف سندھالوجی، جامشورو، ص52
  3. تاریخ ہنگورجا، میر محمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص21
  4. تاریخ ہنگورجا ، میرمحمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص22
  5. تاریخ ہنگورجا ، میرمحمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص34
  6. تاریخ ہنگورجا ، میرمحمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص43
  7. تاریخ ہنگورجا ، میرمحمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص29
  8. تاریخ ہنگورجا ، میرمحمد "مقبول" سومرو، آشکار پرنٹرز، حیدرآباد سندھ، ص52