ننجا (جاپاني: 忍者 يا 忍び، اچار: شنوبي نوابي دور جي جاپان ۾ خفيا سپاهي يا قاتل هوندا هئا. ننجا جي ڪمن ۾ جاسوسي، تخريبڪاري، دشمن جي قافلن ۾ شامل ٿيڻ، قتل ۽ گوريلا ويڙهه شامل هيو.[1] اهڙن ڪاروائين ڪندڙن کي سامورائي فوج کان گھٽ درجي وارو ويڙهو سمجهيو ويندو هو، ڇو ته سامورائي جيهڙي ۽ عزت جي حوالي سان انتهائي سخت اصولن جا پابند هيا.[2] شنوبي جاسوس ۽ قاتلن جي تربيت يافته لشڪر پندرهين صدي ۾ ظاهر ٿي. جڏهن ته ان کان ٽي صديون اڳ به اهڙا ماڻهو موجود هئا.[3]سينگوڪو دور ۾ (پندرهين کان سترهين صدي تائين) ڪرايئي جي قاتلن ۽ جاسوسن جو هڪ گروهه هڪ صوبي ۽ گوڪا ڳوٺ [4] سان ملندڙ علائقن ۾ سرگرم ٿيو ۽ ان علائقن جي قبيلن وٽ ننجا وڙهاڪن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ موجود آهي. توڪوگاوا شگون شاهي جي تحت جاپان جي اتحاد کانپوءِ (سترهين صدي ۾) ننجا گُم ٿي ويا.[5] شنوبي هدايتون تقريبن چيني فوجي فلسفي کان کنيو ويون جيڪي سترهين ۽ اڙهين صدي ۾ لکيا ويا جنهن ۾ بانسينشوڪائي سڀ کان اهم آهي. 1868ع ۾ بحالي ميجي کانپوءِ شنوبين کي ڪهاڻين ۽ قصن ۾ تمام گھڻي اهميت ڏني وئي. ننجا جي باري ۾ گھڻيون غلط ڳالهيون به مشهور ٿي ويو هيون مثال طور جادو ذريعي گُم ٿيڻ، پاڻي مٿان هلڻ، قدرتي شين کي ضابطي ۾ آڻڻ ڇو جو گهڻو ڪري ان دور ۾ ننجا جي باري ۾ ڄاڻ سينگوڪو دور بجاءِ تصور طور ڄاڻيو ويندو هيو.۔[6]

هڪ ننجا رسي تي چڙهندي

نالو سنواريو

ننجا دو ڪانجي (چيني زبان جو لفظ جيڪو جاپاني زبان جو لفظ بڻجي چڪو آهي) کي اونيومي انداز سان پڙهڻ جو طريقو آهي. اصل لفظ شنوبي آهي جيڪو بذات خود شينوبي جي مختصر شڪل آهي.[7] لفظ شينوبي پهرين دفعي اٺين صدي جي آخر ۾ لکيل ڀائنجي پيو، جيڪو هڪ نظم ۾ لکيل آهي. شنوبي جي معنيٰ آهي لِڪڻ، جنهن جي ڪري هِن لفظ کي ڀوائتو ۽ نظرن کان غائب ٿيڻ جي ڪري ڳنڍيو ويو. مونو معنيٰ فرد يا شخص آهي. تاريخ مطابق ننجا لفظ جو استعمال نه ٿو ملي هِن کي مقامي ٻولين ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ منومي (ڏسڻ وارو)، نوڪي زارو (ڇِت مٿان طوطو)، ڪوسا (گاهه) ۽ ايگا مونو (ايگا وارو) شامل آهن. [8] تاريخي ليکن ۾ هميشه هِن کي شينوبي طور لکيو ويو آهي. عورت ننجا لاءِ ڪونويچي لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪو ڪو، او ۽ اويچي اکرن سان جوڙيو ويو آهي جيڪو جاپاني زبان ۾ عورت لفظ لکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ويندو آهي. يورپ ۾ ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ شينوبي جي جاءِ تي لفظ ننجا تمام گھڻو مشهور ٿيو شايد يورپ جي ماڻهن لاءِ اهو لفظ چوڻ آسان هيو. انگريزي ۾ ننجا لفط جو جمح به ننجا ئي آهي (جاپاني ٻولي ۾ واحد ۽ جمح جو فرق ناهي هوندو) يا ننجاز (انگريزي ٻولي ۾ جمح) لاءِ لکيو ويندو آهي.[9]

تاريخ سنواريو

عام ڪهاڻين کي ڇڏي ڪري ننجا متعلق تاريخي حقيقتون گھٽ مِلن ٿيون. تاريخدان اسٽيفن ٽرنبل جي مطابق هيٺين طبقي وارا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا هُئا جنهن جي ڪري انهن کي ادب يا تعليم جي باري ۾ ڪا به دلچسپي نه هوندي هُئي. تنهنڪري تاريخدان لکن ٿا ته سامورائي فوج جي چوڻ مطابق ننجا ڏانهن ماڻهو گھڻو متوجه هوندا هُئا. هڪ تاريخدان ڪيوشي واتاتاني جي مطابق ننجاز کي گمنام رهڻ جي تربيت ڏني ويندي هُئي تنهنڪري ان جي باري ۾ گھٽ ڄاڻ ڏنل آهي: ننجوتسو ٽيڪنيڪ دراصل شنوبي نو جوتسو ۽ شنوبي جتسو تي مشتمل هوندا هُئا ان جو مقصد هوندو هيو ته پنهنجي مخالفن کي پنهنجي وجود جي به آگاهي ڏيڻ جي تربيت ڏني ويندي هُئي. [10]

حوالا سنواريو

  1. رتی & ویسٹبروک 1991, p. 325
  2. ٹرنبل 2003, pp. 5–6
  3. Stephen ٹرنبل (19 February 2003). Ninja Ad 1460-1650. Osprey Publishing. p. 5. ISBN 978-1-84176-525-9. https://books.google.com/books?id=3MnrpQRV-7wC&pg=PA5. Retrieved 1 October 2011. 
  4. سانچو:Cite av media
  5. گرین 2001, p. 355
  6. گرین 2001, p. 358; based on different readings, Ninpiden is also known as Shinobi Hiden, and Bansenshukai can also be Mansenshukai.
  7. Origin of word Ninja آرڪائيو ڪيا ويا 2011-05-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
  8. Green 2001, p. 355
  9. Oxford English Dictionary, 2nd ed.; American Heritage Dictionary, 4th ed.; Dictionary.com Unabridged (v 1.1).
  10. ٹرنبل 2007, p. 144.