جاسوسي

ڳجهي معلومات جي ڳجهي حصول

جاسوسي، لڪل نموني ڄاڻ رکڻ يا انٽيليجنس (Intelligence) هڪ قسم جي صلاحيت آهي، جنهن ذريعي مخالف ڌر جي رٿائن ، ارادن ۽ نيتن بابت ڄاڻ گڏ ڪجي ٿي. هي عمل رياستي وهنوار جي حوالي سان اندروني توڙي ٻاهرين طور وڏي اهميت رکي ٿو. اهو عمل فوجي يا غير فوجي معاملن ۾ کليي کلايئي يا ڳجهي انداز ۾ سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو. ان ڪري هر حوالي سان ان عمل جو مقصد، پاليسين جي جو ڙجڪ لاءِ ڄاڻ جي حاصلات ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري، محفوظ ڪرڻ آهي.

ڪنهن به جاسوسي تنظيم جو بنيادي مقصد، مخالف وٽ موجود ڳجهي معلومات تائين رسڻ، پنهنجي معلومات کي محفوظ رکندي، ان کي دشمن تائين پهچڻ کان بچائڻ Counter Intelligence تحت، ڪنهن معاملي بابت هٿ سان غلط معلومات عام ڪرڻ، کيس گمراهه ڪرڻ، دوکي (Deception) ۽ ڳُجهي مهم (Covert Operation) ذريعي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ هوندو آهي. دنيا ۾ ڪي به راز ٻن طريقن، يعني انساني واسطيدارين ۽ ٽيڪنيڪل طريقن سان ڄاڻي سگهبا آهن، ٽيڪنيڪل طريقن سان ٿيندڙ جاسوسي اشارن Singals ۽ برقي (Eleclronic) وسيلن ذريعن ملندي آهي، جڏهن ته انساني لاڳاپن يا واسطن وڙن (Human Sources) واري ڳجهي معلومات ايجنٽن، ڳُجهن ڪاڳرن، گڏجاڻين، تحقيق، ورتائڻ ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا ذريعي مُمڪن ٿيندي آهي. نئين دور ۾ جاسوسيءَ جي ٽيڪنيڪل وسيلن (مثال طور: سيارن جو استعمال، ڳالهه ٻولهه ٻڌندڙ حساس برقياتي اوزارن ، اڳواٽ چتاءُ ڏيندڙ جهازن ۽ جاسوسي بحري جهازن جي اشارن) طرفان ملندڙ ڳجهي معلومات جي حاصلات سبب، انساني رابطن ذريعي ملندڙ رازن جي اهميت گهٽجي چڪي آهي. ان جي ابتڙ خاص قسم جي رازداريءَ (مثال طور: مخصوص دستاويز يا مخالف فيصلي ساز جا رويا ۽ ارادا) جو علم ڪنهن به ٻاهرين وسيلن سان حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، پوءِ ڀلي ته اسين ڪيترا به جديد برقياتي اوزار ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڇو نه ڪريون. اها حقيقت آهي ته ڪنهن اهم جڳهه تي سيڙايل ڪارندو (Agent in Place) ۽ ڏاڍو تربيت ورتل ڇاڙتو ئي اهو اڪيلو وسيلو آهي، جنهن جي ذريعي دشمن جي حساس معلومات، راز، رويا ۽ ارادا معلوم ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري جاسوسيءَ جي ميدان ۾ به ان ذريعي جي اهميت ڪڏهن به ختم ٿيڻ جوڳي ناهي. ان کان مليل اهم ۽ حساس معلومات جي بهترين تجزيي کان سواءِ، ڪابه حڪمت عملي جوڙڻ يا مناسب فيصلو ڪرڻ ممڪن نه آهي، عيبدار تجزيي نگاري، دنيا جي ڪيترن اهم معاملن ۾ سخت هاڃيڪار ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجا ڏنا آهن.

ان سلسلي ۾ 1941ع ۾ سوويت روس مٿان جرمنيءَ جو اوچتو حملو Barbarossa Operation، جاپان جو پرل هار برتي حملو (1941ع) ، اُتر ڪوريائي ڪاهه (1950ع ۽ يوم ڪپور) لڙائي 1973ع وغيره، مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. هن قسم جي واقعن ۾ مليل جاسوسي ناڪاميون وڏن سياسي حادثن کي جنم ڏين ٿيون. ماهرن جو خيال آهي، ته اهڙين ناڪامين پٺيان، مليل ڳجهي معلومات جي ڇيد ڪندڙ جون ڀُوڪ پائيون، ڪامورڪيون نادانيون، سُستي، اندروني اختلاف ۽ سڀ کان وڌيڪ سامهون واري ڌر بابت بيٺل ۽ روايتي تصور قائم ڪرڻ واري چُڪ آهي. جاسوسيءَ جي عمل کي سفاتڪاري ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي هڪ اهم لڪل پاسي (Missing Dimension ) طور ڳڻيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري جو جاسوسيءَ ذريعي ملندڙ ڪاميابيون هڪ محدود دائري کان ٻاهر ٻڌائي نه سگهبيون آهن ۽ انهن کي پڌرو به تمام وڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ ئي ڪيو ويندو آهي، تيستائين انهن معاملن جي اهميت ختم ٿي چڪي هوندي آهي. موجوده دور ۾ جاسوسيءَ جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي ڪاميابي، ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جي ڳجهن اشارن (Words (Code جي اتحادي جاسوسن طرفان ڪيل ڀڃت آهي، جنهن جنگ جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ان هوندي به جاسوسيءَ جي دنيا ۾ معمولي ناڪامي ته پڪڙجي پوي ٿي، پر ڪاميابيءَ جو دُڪو دير سان داخل ٿئي ٿو. جاسوسيءَ جو سرشتو، جڏهن مڪمل طور تنظيمي شڪل اختيار ڪري وڃي، ته ان کي (Espionage) جي اصطلاح سان سڃاتو ويندو آهي.[1] [1]