مک مينيو کوليو
1. Nose; 2. Lips; 3. Teeth; 4. Palate; 5.

اچار __(Pronuncation):

هر ٻوليءَ جي لفظن جا پنهنجا مخصوص اچار هوندا آهن، جن جو تعلق وينجن توڙي سر وارن آوازن (vowels) جي ادائگيءَ سان هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن آوازن جا اچار غير سنڌي نه ڪڍي سگهندا آهن، جيئن ڏ، ڳ، ڄ، ڃ وغيره. ساڳيءَ ريت عام سنڌي ماڻهو عربيءَ جي ض، ظ، ذ، ص، ث وغيره جا اچار درست طور ادا نه ڪري سگهندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ادائگيءَ وقت ڪيترا ماڻهو اعرابن جو گهٽ استعمال ڪندا آهن ۽ لفظن جي وچ ۾ يا آخر ۾ اکرن کي ساڪن ڪري ويندا آهن. مثلاً ”سَڌَ“ کي ”سَڌۡ“ چوندا يا ”هُنَ“ کي ”هُنۡ“ وغيره، خاص ڪري اردو ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ اعرابن ۽ ’ء‘ (همزي) جو گهٽ استعمال ڪندا آهن. اهي سنڌيءَ جا اچار آهن، جن جي ادائگي خاص نموني ٿئي ٿي.[1]

حوالاسنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي