نظاماڻي
نظاماڻي (اردو: نظامانی، انگريزي: Nizamani) سنڌي ٻروچن جي هڪ ذات آهي. نظاماڻي اصل ۾ رند بلوچ قبيلي جي هڪ شاخ آهي. سندن مادري زبان سرائيڪي آهي، پر هن وقت ڪيترا نظاماڻي سنڌي ٻوليءَ کي مادري ٻولي سمجهن ٿا.
ٻوليون |
---|
مذھبَ |
تاريخسنواريو
نظاماڻي ڪلهوڙن جي ڏينهن کان جاگيردار هئا. ڪرماڻين مان دريا خان نظاماڻي کي مير مراد علي خان پنهنجو مختيارڪار مقرر ڪيو هو. سنه 1834ع ۾ شاهه شجاع سان وڙهندي سکر وٽ مري ويو [1]. بهليلاڻي جي امير نظام خان جي ڀاءُ گاگن خان جي اولاد مان هئا. منجھانئن ابراهيم خان تائين جيڪي به ٿي گذريا، تن سڀني وٽ جاگيرون هيون. سنڌ فتح ڪرڻ وقت ٽالپرن جي طرفداري ڪرڻ ڪري سندن جاگيرون بحال رهيون[1]. نظام فقير بلوچ هڪ صوفي درويش هو جنهن جو مقبرو پنجاب صوبي جي ڊيرا غازي خان ۾ موجود آهي. ان جو اولاد نظاماڻي سڏائي ٿو. اصل ۾ نظاماڻي ڊيرا غازي خان ۾ رهندڙ هئا. ڪجھ وقت کان پوءِ گهڻا نظاماڻي سنڌ ۾ لڏي آيا. هن وقت نظاماڻين جي اڪثريت لاڙ جي ضلعن ۾ رهي ٿي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڪثريت ۾ آهي.
ڳوٺسنواريو
نظاماڻي جن ڳوٺن ۾ اڪثريت سان آباد آهن، سي هيٺيان آهن.
- ٽنڊو قيصر، ضلعو حيدرآباد
- ٽنڊو سومرو
- باقر خان نظاماڻي
- سانگهڙ
- ملهڻ
- نم جو ڳوٺ
- راڄو خاناڻي
- راڄو نظاماڻي
- ماتلي شھر ۽ پس گردائي
- ڪرم خان نظاماڻي ـ باگو وداداڻي
ڌرمسنواريو
نظاماڻي مسلمان آهن ۽ گهڻا سني مسلڪ تي آهن. ڪجھ نظاماڻي شيعا به آهن. ڪجھ ڳوٺن ۾ ديوبندي ۽ وهابي فرقي وارا نظاماڻي به موجود آهن.
ٽالپرن جي دؤر ۾ حڪومت جي اثر جي ڪري نظاماڻين ۾ شيعي فرقي جو رواج پيو. پير روضي ڌڻي جي تبليغ جي ڪري اڪثر نظاماڻي سندس مريد ٿي ويا ۽ سني مذهب اختيار ڪيائون. پير روضي ڌڻي جا ٻه خليفا نظاماڻي هئا: خليفو محمود نظاماڻي جيڪو سندس سڀ کان وڏو خليفو هو، ۽ خليفو بهادر نظاماڻي.
مشهور ديني شخصيتونسنواريو
- خليفو محمود نظاماڻي، ڪڙيو گهنور: پير روضي ڌڻي جو وڏو خليفو
- خليفو احمد خان نظاماڻي، نم جو ڳوٺ: مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جو وڏو خليفو
- ٻڍو خان نظاماڻي: مخدوم محمد زمان (پهريون) لنواريءَ واري جو مريد
مولوي محمد نظاماڻي ٽنڊو سومرو
مشهور فنڪارسنواريو
- رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي، ماتلي: مشهور اديب ۽ ڪيئي ڪتاب جو ليکڪ
- محمود آسي نظاماڻي، ٽنڊو قيصر: شاعر ۽ اديب
- حافظ محمد نظاماڻي، ڪڙيو گهنور: شاعر
- قادر بخش نظاماڻي، ليکڪ
- قيصر خان نظاماڻي، ٽنڊو قيصر: ٽي وي اداڪار ۽ پروڊيوسر