نثري نظم
نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعريءَ کان ٿي. بودليئر (Baudelaire) پنھنجي مجموعي ”نثر ۾ ننڍا نظم“ (Petit poems en prose) سان ان جي ابتدا ڪئي. ان ۾ شاعريءَ جو عنصر ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر ۽ رديف قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هجڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي تہ قافيي جو استعمال بہ سٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن Assonance جي ذريعي نغمگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هر حالت ۾ نثري نظم ۾ اندروني آهنگ ضروري آهي. Surrealist اهڃاڻي ۽ Automatic خودمختيار لکڻيون نثري نظم جون اهم صورتون آهن. انگريزي شاعريءَ مان هيءَ صنف، انگريزن جي دَور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌي ۾ لعلچند امر ڏني جو ’سدا گلاب‘، ڪلا پرڪاش جو ’ممتاز لھرون‘، مدد علي سنڌيءَ جو ’پنر ملن‘، نور الھديٰ شاھ جو ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چند‘، شيخ اياز جو ’پنڻ ٿو پور ڪري‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. [1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.