وزن (Meter) عربي لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ”تور“ يا ”ماپ“، وزن کي انگريزيءَ ۾ ‘Meter’ ۽ هندي ۾ ’پنگل‘ يا ’ڇند‘ چئبو آهي. اصطلاحي معنيٰ موجب، شعر ۾ آيل لفظن کي ڪن بحر جي ارڪان سان ماپي يا تور ڪري ٺاهي بيھارڻ کي ”وزن“ چئبو آهي. جھڙيءَ طرح تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ڪا شيءِ رکي، ٻئي پڙ ۾ مقرر ٿيل ماپ يا وٽ (اڌ مڻي، ڏھ سيري، پنج سيري، يا هڪ سير، وغيره) وجهبا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ اُن شيءَ جي تور يا ماپ ڪري ڏسجي. اهڙيءَ طرح سان بحر جي ارڪان جي قالب ۾ مختلف لفظن جي ماپ ڪري، هڪ سھڻو شعر ٺاهيو آهي. شعر جي انهيءَ ماپ يا ترتيب کي ”وزن“ چئبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.