نثار احمد صديقي

پاڪستاني مدرس

نثار احمد صديقي (انگريزي ٻولي: Nisar Ahmed Siddiqui) ھڪ نامور پاڪستاني مدرس، تعليم دان، سڌارڪ، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جو باني وائيس چانسلر ۽ سنڌ، پاڪستان جو اڳوڻو بيوروڪريٽ ٿي گذريو آھي.[1][2]

Nisar Ahmed Siddiqui
پيدائش پريالو، خيرپور، سنڌ
وفات 22 جون 2020ع (76 سال)
جڏهن ڪراچي ۾ اسپتال داخل هيو
قوميت پاڪستاني
پيشو تعليمدان، سڌارڪ
شھرت جو ڪارڻ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر، اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر سکر
اعزاز ستاره امتياز ٻہ ڀيرا
تعليمي پسمنظر
سکيا
مادر علمي
علمي خدمتون
مُکيه ڪم سکر آءِ بي اي يونيورسٽي
سيبا ٽيسٽنگ سروسز (STS)

تعليم سنواريو

صديقي معاشيات ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم ۾ پڻ ماسٽر جي ڊگري اتائين ڪيائون. پاڻ 1987ع ۾ آمريڪا ويا جتان بوسٽن يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم بي اي ڪيائون.[3]

پيشاور خدمتون سنواريو

شروعات ۾، صديقي بطور استاد خدمتون ڏنيون ۽ ھڪ اسڪول ۾ رياضي، معاشيات ۽ انگريزي ٻولي پڙھايائون. بعد ۾ سينٽرل سپيريئر سروسز جو چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪيائون ۽ پاڪستان حڪومت ۾ بطور سماجي خدمتگار جي پيشاور خدمتون ڏنائون.[4] 30 آڪٽوبر 2019ع تي مرينو بيچ ھوٽل، ڪولمبو سريلنڪا ۾ ايمڊيسا جي پندرھين اجلاس ۾ پروفيسر نصار صديقي کي ايسوسيئيشن آف مينيجمينٽ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس ان سائوٿ ايشيا (ايمڊيسا) 2019ع-2021ع جي عرصي لاءِ بطور صدر چونڊيو ويو.[5][6][7]

عظمت سنواريو

پروفيسر نثار احمد صديقي پاڪستان جي تعليم جي شعبي ۾ سندس خدمتن جي ڪري بيحد عزت وارو رھيو. هن کي ”جديد دور جو سر سيد احمد خان“ سڏيو ويو.[8][9] ”ميرٽ، ڪوالٽي، ايڪسيلنس ان ايجوڪيشن“ جو تاريخي نعرو، نثار احمد صديقي 1994ع ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي قائم ڪري سڄي پاڪستان ۾ پيش ڪيو. اداري 2017ع ۾ يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪيو ۽ هو يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر بڻجي ويو. هن پاڪستان ۾ ڪميونٽي ڪاليجن جو تصور بہ آندو. پاڪستان جي تعليم لاءِ سندس قيمتي خدمتن جي اعتراف ۾، حڪومت پاڪستان کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ ستارۂ امتياز سان نوازيو.[10][11]

وفات سنواريو

نثار صديقي 22 جون 2020ع تي ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس سکر آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Tribune.com.pk. "Educationist Nisar Ahmed Siddiqui passes away at 76". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2020-06-22. 
  2. "VC Sukkur IBA Nisar Siddiqui dies at 76". The Nation. حاصل ڪيل 2020-06-23. 
  3. "Eminent educationist Nisar Ahmed Siddiqui passes away at 76". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2020-06-23. 
  4. "Sukkur IBA Vice-Chancellor Nisar Siddiqui passes away | SAMAA". Samaa TV. حاصل ڪيل 2020-06-22. 
  5. "Executive board of AMDISA". www.amdisa.org. حاصل ڪيل 2020-06-22. 
  6. Amdisa (December 2019). "15th AMDISA General Assembly 30th October, 2019 at Colombo, Sri Lanka". AMDISA NEWSLETTER Volume 57. http://www.amdisa.org/. 
  7. "Change and a school teacher". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2020-07-02. 
  8. "Renowned educationist Nisar Ahmed Siddiqui passes away". www.geo.tv. حاصل ڪيل 2020-06-22. 
  9. "Sir Syed Ahmed Khan of Sindh". The Nation. حاصل ڪيل 2020-06-27. 
  10. (en ۾) Pakistan & Gulf Economist. Economist Publications. July 2004. https://books.google.com/books/about/Pakistan_Gulf_Economist.html?id=beTsAAAAMAAJ. 
  11. hours, Zara Khan 6; Minutes, 39. "Renowned Educationist and Founder of IBA Sukkur, Nisar Ahmed Siddiqui passes away". Mashable Pakistan. حاصل ڪيل 2020-06-22.