پريالوءِ خيرپور ضلعي جو هڪ تاريخي شهر آهي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:"ڀرالوءِ لوهري کان اٺن ڪوه پنڌ تي آهي. هاڻي رياست خيرپور ۾ آهي، اتي جي بزرگن مان سيد محمد صالح مشهور هو، جنهن جو قبو زيارت گاھ آهي. انهيءَ جي اولاد مان حيات شاھ ۽ ولايت شاھ هئا. ڀرالوءِ کان چئن ڪوهن تي وري ڪنگري آهي. جنهن کي بادشاهپور به چوندا هئا. اتي مشائخن مان هڪڙو شخص عبداڪريم نالي ۽ سندس پٽ عبدالعزيز ناليرا هئا. جڏهن کان پير حزب الله شاھ، جنهن کي پير پاڳارو ٿا چون ۽ جو حرن جو پير آهي. اتي اچي ويٺو، تڏهن کان انهيءَ کي پير جو ڳوٺ ٿا سڏين. انهيءَ ۾ به وڏيون مسجدون آهن. انهيءَ پير صاحب ۽ حرن جو احوال تاريخ مان معلوم ٿيندو. اهو پير سيد شاھ علي مڪي جي اولاد مان آهي. جو سنه 711ع ۾ محمد قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ لڪي ۾ اچي لٿو. هن بابت منهنجي لکيل شاھ ڀٽائي جي احوال ۾ به ذڪر آهي. پير محمد راشد انهن مان مشهور ٿيو. هن کي تيرهن پٽ هئا. سندس وفات مهل پٽن جي وچ ۾ پڳ تي جهيڙو ٿيو. انهي سيد پنهنجي پٽ صبغت الله کي وارث ڪيو هو. جنهن ناري جي پاسي گهڻا مريد ڪيا. انهيءَ جي مارڻ جي ٻن ڀائرن ڪوشش ڪئي. تنهن ڪري هن جي مريدن پاڻ ۾ گڏجي پڪ ٺهراءُ ڪيو ته پنهنجي پير کان سواءِ سندس ڀاءُ يا ڪنهن به ٻئي عزيز جي فرمانبرداري نه ڪندا. انهي نمڪ حلاليءَ جي ڪري پير صبغت الله هنن کي حرن نالو ڏنو. جيئن حر امام حسين عليه السلام تي ڪربلا ۾ پنهنجو سر ڏنو هو. پر ٻيا مسلمان نفرت کان انهن کي لُر ڪري سڏڻ لڳا، جنهن جي معني پليت يا ناپاڪ آهي. پير صبغت الله جو پٽ علي گوهر شاھ هو. جو مير علي مراد خان خيرپور واري جو همعصر هو. انهيءَ جو احوال مون واريءَ خيرپور واري تاريخ مان معلوم ٿيندو. انهيءَ پير علي گوهر شاھ جو پٽ پير حزب الله شاھ هو. جنهن کي مون به ڏٺو هو."[1]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو