سکر آءِ بي اي يونيورسٽي

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي (پھريون سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن يا سکر آءِ بي اي) (انگريزي ٻولي: Sukkur IBA) هڪ بزنس جو تعليمي ادارو آهي. هي ادارو ايئرپورٽ روڊ سکر تي واقع آهي. هاير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي درجا بندي موجب هي ادارو بزنس جي لحاظ کان سڄي پاڪستان ۾ چوٿين نمبر تي آهي.

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي
چونڊيل چوڻي Merit, Quality, Excellence
سرگرم 1994
ڊائريڪٽر نثار احمد صديقي
پتو سکر، سنڌ،  پاڪستان
ويب سائيٽ iba-suk.edu.pk

اداري کي 16 مئي 2017ع تي سنڌ اسيمبلي پاران يونيورسٽي ڪرڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو ويو.[1]

شعبا سنواريو

اداري ۾ پنج شعبا آهن

  • بزنس ايڊمنسٽريشن جو شعبو
  • ڪمپيوٽر سائنس جو شعبو
  • تعليم جو شعبو
  • اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جو شعبو
  • رياضي جو شعبو

حوالا سنواريو

  1. Nation, The. "SA approves IBA university in Sukkur". Nation PK.