مھراب پور (لاڙڪاڻو)


يو سي 30 مھراب پور (انگريزي: U C 30 Mehrabpur) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 19،350 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ مھراب پور ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ابڙا، جتوئي، گاڏھي، سنديلا، کوکر، پنھور ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ ياڪو سنديلو (آبادي 4,224) ، ديھ مھراب پور (آبادي 6,696)، ديھ سونھاري جاگير (آبادي 4,333), ديھ سونھاري ريتي (آبادي 4,097) ڳوٺ امام بخش پنھور، ڳوٺ مھراب پور, ڳوٺ ياڪو سنديلو، بکوديرو، ڳوٺ سھڻو جتوئي، ڳوٺ حڪيم سنديلو، ڳوٺ ٻڍو واھڻ، ڳوٺ يار محمد کوکر, ڳوٺ شادي جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي ۾ بکو ديرو ھڪ مشھور ڳوٺ آھي جتي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پيدا ٿيو ھو. اتي بکو فقير جو مقبرو واقع آهي.

مھراب پور
يو سي 30 مھراب پور
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 5
مھراب پور is located in سنڌ
مھراب پور
مھراب پور
مھراب پور is located in Pakistan
مھراب پور
مھراب پور
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°25′04″N 68°07′05″E / 27.41778°N 68.11806°E / 27.41778; 68.11806مڪانيت: 27°25′04″N 68°07′05″E / 27.41778°N 68.11806°E / 27.41778; 68.11806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,350

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين طارق محمود ۽ افسر علي جتوئي وائيس چيئرمين چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مھراب پور جو عبيدالله ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري کان ھائر سيڪنڊري تائين تعليم جي سھولت ميسر آهي. بکوديرو جي حيدر بخش جتوئي ريلوي اسٽيشن لڳ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪاليج، ان جي ھاسٽل ۽ اسٽاف ڪالوني واقع آھن. بکوديرو ۾ ٻہ سرڪاري پرائمري اسڪول ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ، ڇوڪرين لاءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول، گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ھاء اسڪول واقع آھن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ھن يو سي ۾ حيدربخش جتوئي ريلوي اسٽيشن واقع آهي.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/