يو سي 33 مڏ باھو (انگريزي: U C 33 Mad Bahu) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,793 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ مڏ باھو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دادو ڪئنال جي ڪپ تي واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ سنديلا، کوکر، انڙ، چانڊيا، تونيا، سيد، مڱريا، ڀٽا، ھيسباڻي، ڀٽي، راجپوت۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ مڏ باھو (آبادي 10,793)، ڳوٺ مڏ باھو، ڳوٺ دولت کوکر، ڳوٺ ڪمبي سنديلا, ڳوٺ غلام شاھ، ڳوٺ گل محمد تونيو، ڳوٺ ماھي ڀٽا، علي آباد ۽ ٻيا شامل آهن.

مڏ باھو
يو سي 33 مڏ باھو
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 8
مڏ باھو is located in سنڌ
مڏ باھو
مڏ باھو
مڏ باھو is located in Pakistan
مڏ باھو
مڏ باھو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′44″N 68°22′54″E / 27.44556°N 68.38167°E / 27.44556; 68.38167مڪانيت: 27°26′44″N 68°22′54″E / 27.44556°N 68.38167°E / 27.44556; 68.38167
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 10,793

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالرشيد چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين اويس خان چانڊيو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ علي آباد جو عدنان خان انڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء يو سي ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز ڳوٺ مڏ باھو ۾ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/