مير جان اللہ شاهه
مير جان اللہ شاهه | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
مقام ڄم | سنڌ |
تاريخ موت | سال 1754 |
ترميم |
مير جان الله شاهه رضوي سيد حيدر حقاني جي اولاد مان مير جان الله شاهه يا مير جان شاهه، وڏو بزرگ ۽ فارسي زبان جو باڪمال ۽ صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. هو طريقت ۾ شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جو مريد ۽ وڏو خليفو هو، انهيءَ ڪري قادري طريقي ۾ آيو. شاهه شهيد جي شهادت تي ڏاڍو پر درد ۽ پرسوزمرثيو فارسي زبان ۾ لکيائين. 4 - ربيع الاول سنه 1167ھ(1754ع) تي وفات ڪيائين. سنڌي زبان جي باڪمال شاعر حضرتقادر بخش بيدل روهڙيءَ واري جا وڏا هن بزرگ جا مريد هئا. حضرت بيدل به هن بزرگ جي سجاده نشين جو مريد هو. مير جان الله شاهه فارسي جو صاحبِ ديوان شاعر هو. سندس شعر نهايت اعليٰ درجي جو آهي، ۽ هندستان جي ان زماني جي شاعرن مرزا بيدل،آزاد بلگرامي ۽ واقف بٽالوي جي مقابلي جو آهي. تصوف جي مضامين سان گڏ حسن و عشق جو ذڪر به دلگداز انداز ۾ ملي ٿو. فني پختگي، رواني ۽ اثر انگيزي سندس ڪلام جون خاص خصوصيتون آهن. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: صاحبِ تسليم را برهان نمي آيد بکار – اهلِ دين را حکمت يونان نمي آيد بکار انحرافِ عکس از معکرس در آئينه نيست – مير محوِ دلبران را جان نمي آيد بکار بزلفِ کافرِ او نقد ايمان دادم و رفتم – بمزگانِ کجش تصديق برهان دادم ور فتم[1]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ