شاعر، محقق ۽ محدث آزاد بلگراميءَ جو اصل نالو غلام علي هو. هو 1704ع ڌاري لکنؤ جي ڄاتل سڃاتل سادات خاندان ۾ پيدا ٿيو. هُو عبدالجليل بلگرامي جو ڀاڻيجو هو ۽ ان کان ئي ديني ۽ ادبي تعليم ورتائين. حرمين شريف ۾ رهائش دؤران شيخ محمد حيات سنڌيءَ کان حديث جو علم سکيائين ۽ سند حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت سيوهڻ ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ حيدرآباد دکن ۾ نواب ناصر جنگ (شهيد) جو صلاحڪار ۽ استاد رهيو. اهڙيءَ طرح سنڌ، پنجاب ۽ حيدرآباد دکن ۾ کيس عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو هو ۽ سندس علم جي واکاڻ هئي. پنهنجن ڪتابن ۾ اتان جا دلچسپ واقعا قلم بند ڪيا اٿس. کيس عربي ٻوليءَ تي دسترس حاصل هئي، عربيءَ ۾ سندس ڪيترائي قصيدا ۽ ديوان موجود آهن. هن صحيح بخاريءَ جي ڪجهه بابن جي شرح به لکي ۽ ڪتاب سبحة المرجان (هندستان جي آثارن متعلق) لکيو، جنهن ۾ هندستان جي مسلمانن بابت سٺي معلومات درج ڪئي. پاڻ فارسيءَ جو به وڏو ڄاڻو هو، ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ماثر الڪرام (ٻه حصا)، ’خزينة عامره‘ جنهن ۾ ان دؤر جي فارسي شاعرن ۽ سندن زندگين بابت تفصيلي معلومات شامل آهي. سندس فارسي ديوان کان سواءِ ماثر الامراه (شاهه نواز خان) گھڻي مقبوليت ماڻي، جنهن کي هندستان جي مغلن جي تاريخ جو هڪ اهم ڪتاب شمار ڪيو ٿو وڃي. هن 1786ع ڌاري وفات ڪئي.[1]