مسرور پيرزادو (انگريزي ٻولي:Masroor Pirzado) سنڌ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو جديد شاعر آهي.[1]

مسرور پيرزادو
Masroor Pirzado

مسرور پيرزادو سنڌ لٽريچر فيسٽيول پروگرام ۾
پيدائش ٻلهڙيجي، ڏوڪري تعلقو، لاڙڪاڻو ضلعو
ڌنڌو شاعر
وٽنري ڊاڪٽر
ٻولي سنڌي
رهائش ڪراچي
قوميت پاڪستاني
تعليم D. V. M جي ڊگري
مادرِ علمي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري

زندگي جو احوال سنواريو

مسرور پيرزادو جو ڇٺيءَ جو نالو گذار علي آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد سليمان پيرزادو ۽ امڙ جو نالو بهشت خاتون آهي. هم 15 مئي 1976ع تي ڪراچيء جي جناح اسپتال ۾ جنم ورتو. ڪراچي ۾ وٽنري ڊاڪٽر طور ڪم ڪري ٿو.[2]

تعليم سنواريو

هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻو ضلعو، ڏوڪري تعلقو جي قديم ڳوٺ ٻلهڙيجي (حاجي لعل بخش شيخ) ۾ حاصل ڪئي. پوءِ مڊل اسڪول موهن جو دڙو ۾ ڇهين کان اٺين تائين پڙهيو. هن نائين جماعت کان ٻارهين جماعت تائين تعليم ڏوڪري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ ورتي. انٽي به ڏوڪري ڪاليج م پڙهيو۔ هن ڊي وي ايم جي ڊگري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان حاصل ڪئي۔[2]

ادبي سفر سنواريو

مسرور پيرزادي شاعري جي شروعات يونيورسٽي واري زماني ۾ ڪئي. سندس شاعري معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي. سندس شاعري ۾ موزونيت ۽ فڪري عنصر موجود آهي، جنهنڪري ادبي حلقي ۾ هن مڃتا ماڻي ورتي آهي. هن غزل جي صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان ۾ جدت جو عنصر پڻ وڌيڪ ملي ٿو. هن مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ چئنلن تي صحافي ۽ ڪمپيئر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. سندس اردو ۾ سنڌيءَ ۾ ڪالم پڻ ڇپيل آهن.[2][3][4][5]

ڪتاب سنواريو

  •  چاندني تو سوا نہ ٿيندي ،شاعري ، 2001ع[6]
  • سُرور ، شاعري ،2008ع
  •  منفرد، شاعري، 2014ع[7]
  •  سپون سوجهي ڪڍيون، شاعري، 2016ع[8]

حوالا سنواريو