ڏوڪري

سنڌ جو شهر

ڏوڪري شھر : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جو صدر مقام جيڪو موئن جي دڙي جي ڀرسان ست ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي . ھن شھر ۾ لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٽنڊو آدم زرعي يونيورسٽي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو رزرعي ڪاليج ، چانورن جو ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ عام تعليم لاءِ ڊگري ڪاليج واقع آھي . ھن شھر جي ڀرسان موئن جو دڙو ايئرپورٽ پڻ واقع آھي . سنڌو درياهه جي ڀر ۾ واقع ھي شھر زراعت جو مرڪز آھي ۽ کيس لب درياء به چوندا آهن. ھي شھر سمنڊ جي سطح کان 36 ميٽر مٿي آهي ۽ ان جي جاگرافيائي بيھڪ 27° 22' 29" N 68° 05' 50" E آھي. ھن شھر جي ڀرسان بکوديرو ڳوٺ ۾ سنڌ جي ھاري تحريڪ جو باني ليڊر ۽ سنڌ جو محب وطن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پيدا ٿيو. سنڌ جي مشهور دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ھن شھر لڳ پيدا ٿيو جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور د مين فرام موئن جو دارو سڏيندو هو.

ڏوڪري
ڏوڪري
لب درياء
شھر
ڏوڪري is located in سنڌ
ڏوڪري
ڏوڪري
Location in Pakistan
جاگرافي بيهڪ: 27°22′29″N 68°05′50″E / 27.37472°N 68.09722°E / 27.37472; 68.09722مڪانيت: 27°22′29″N 68°05′50″E / 27.37472°N 68.09722°E / 27.37472; 68.09722
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
علائقو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو
تعلقي جو نالو ڏوڪري تعلقو
تعلقي ڏوڪريءَ ۾ شھرن جو تعداد ڏوڪري( صدر مقام), باڊھ، ڳيريلو
بلند ترین  پیمائش 39 ميل (128 ft)
آبادي (2017)
 • ڪل 22,174