مسجد ابن طولون

مصر ۾ مسجد

مسجد ابن طولون قاهره، مصر ۾ واقع آهي. اها مصر ۽ سڄي آفريڪا جي قديم ترين مسجدن مان هڪ آهي جيڪا اڄ به پنهنجي اصل شڪل ۾ بيٺي آهي. ۽ زمين جي ايراضيءَ جي لحاظ کان اها قاهره جي سڀ کان وڏي مسجد آهي. اهو هڪ کليل چورس صحن جي چوڌاري ٺهيل آهي جو قدرتي روشني داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ابن طولون مسجد قديم مصري فن تعمير جي خصوصيت رکي ٿي. ان جي سينگار ۾ ڪاٺ جو استعمال ڪيو ويو آهي. [2]

ابن طولون مسجد، قاھرہ

ابن طولون مسجد، قاھرہ جا مینارا ء وضو جو تالاب
مسجد ابن طولون is located in Egypt
مسجد ابن طولون
Shown within Egypt
بنيادي ڄاڻ
جاءِ قاھرہ، مصر
مقانيت 30°01′44″N 31°14′58″E / 30.02889°N 31.24944°E / 30.02889; 31.24944مڪانيت: 30°01′44″N 31°14′58″E / 30.02889°N 31.24944°E / 30.02889; 31.24944
وابستگي اسلام
تعمير سال 884ع
تفصيل تعميرات
تجويز اڏاوت سعید ابن خطیب الفرغني
قسم اڏاوت مسجد
قسم اڏاوت اسلامي تعمیر
Founder احمد ابن طولون
مڪمل سال 879؛ 1144 سال اَڳُ (879)
خصوصيتون
قبو 2
منارا 1
سامان brick[1]
معيار ثقافتي: (i)(v)(vi)
عهدو 1979 (3rd session)
حصو Historic Cairo
حوالا نمبر. 89-002

خليفه بغداد معتضد بالله جي ڪمزور دور حڪومت ۾ ترڪ فوجي وڏي طاقت حاصل ڪري چڪا هئا ۽ خليفو انهن جي هٿ ۾ هڪ بي وس حاڪم هو. سنه 253ھ ۾ خليفي هڪ ترڪ سردار بابڪيال کي مصر جي گورنري عطا ڪئي. بابڪيال خود بغدادڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، تنهن ڪري هن پنهنجي هڪ زبردست سردار احمد بن طولون کي پنهنجو نائب ڪري مصر روانو ڪيو. هن جو پيءُ طولون هڪ ترڪ شهزادو، جو ننڍپڻ ۾ فرغنه جي جنگين ۾ قيد ٿي خليفي جي درٻار ۾ پهتو ۽ اتي ئي شاهي غلامن ۾ داخل ٿيو. ساڻس گڏ سندس پٽ احمد پڻ دارالخلافه ۾ تعليم ۽ تربيت وٺي حڪومت جي ڪاروبار ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي. احمد بن طولون کي مصر ۾ نائب مقرر ڪيو ويو، جتي هن ايتري مهارت حاصل ڪئي جو خليفه وقت کي به مٿس ڪو زور نه هو، اگرچ احمد خطبي ۾ خليفه بغداد جو نالو قائم رکيو. خليفه معتزل کان پوءِ خليفيمهــدَي پڻ احمد بن طولون کي مصر جو پروانو عطا ڪيو. احمد بن طولون مصر جو انتظام نهايت سهڻي نموني سان هلايو ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ خوب پيسو خرچ ڪيائين ۽ عوام سندس حڪومت مان نهايت خوش هو. احمد مصر ۾ جيڪي تعميرات ۽ رفاه عام جا ڪم ڪيا، انهن ۾ سندس ٺهرايل (مسجد ابن طولون) اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هي مسجد ان زماني جي فن تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي. هن مسجد جو سنگ بنياد سال 876ع ۾ رکيو ويو، چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ يعني سال 879ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن مسجد جو نقشو بلڪل حضرت عمرو بن العاص رضي اللہ تعالٰي عنہ جي مسجد جهڙو آهي، جو مصر جي پهرين مسجد آهي. جيڪا عمرو بن العاص سال 21 هجري مطابق سال 642ع ۾ تعمير ڪرائي هئي. ابن طولون جي مسجد جي ايراضي هن مسجد جي اڌ جيتري آهي. مسجد جي وچ ۾ هڪ چورس ڪشاده اڱڻ آهي ۽ انهيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ڪشاده ورانڊا آهن، جيڪي ڪيترن ئي وڏن ٿنڀن تي محرابن وانگر ٺهيل آهن. هنن محرابن جون ڪمانون مٿي وڃي چهنبدار ٿين ٿيون ۽ انهن جو هيٺيون پيلرن وارو حصو گهوڙي جي نال وانگر آهي جيڪو هيٺ ويڪرو ٿيندو ويو آهي ۽ اها خاص عربي طرز تعمير آهي، ڇو ته گهوڙو عرب جو خاص قومي نشان آهي. هنن محرابن جا ٿنڀا عام رواجي ٿنڀن جهڙا نه آهن، پر انهن ٿنڀن جي ڪنڊن کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو ڄڻ چئني ڪنڊن تي چار ننڍا ننڍا ٿنڀا نظر اچن ٿا. انهن ٿنڀن جو هيٺيون حصو مشرقي فن تعمير جو نمونو ڏيکاري ٿو. اهڙي نموني اهي چئن پيلرن وارا ٿنڀا ۽ مٿان نوڪدار محرابون هڪ عجيب منظر پيدا ڪن ٿيون ۽ اهڙي طرز تعمير گاٿ قومن جي ديولين ۽ عبادتگاهن ۾ عام نظر اچي ٿي. انهن محرابن جي مٿان ڇت مسجد عمرو بن العاص جي ڇت وانگر تعمير ٿيل آهي، ۽ مٿانئس ڪي به نقش نگار اڪريل ڪونهن. ليڪن اهي نوڪدار محرابيون جڏهن ڪنهن گنبذ جي سامهون تعمير ڪيون وڃن ٿيون ته سندن مٿي کنيل ڪماندار گردنون ڄڻ ته گنبذ جي سامهون تمام نازڪ ۽ خوشنما نظارو پيش ڪن ٿيون ۽ گنبذ جي بلندي ۽ عظمت کي نهايت وضع دار ۽ خوبصورت بنايو ڇڏين، خاص ڪري مشرقي اڏاوت جي ٿورو دٻيل گنبذ جي خوبصورتي کي چمڪايو ڇڏين. هن مسجد جي اندرين اڏاوت عام طرح جيئن مسجدن ۾ محراب ٿيندو آهي. اهڙي نموني سان هڪ شاندار ڪمان تي محراب آهن جنهن جو رخ ڪعبة الله شريف ڏي آهي ۽ محراب جي سڄي هٿ تي هڪ عاليشان منبر آهي، جنهن تي خطيب بيهي خطبو ڏيندو آهي. مسجد طولون جي اندرئين ۽ ٻاهرين ڀتين، ٿنڀن، ڪمانن ۽ جارن تي قرآن پاڪ جون آيتون نهايت خوش خطي سان ڪاٺ جي تختن تي اڪريل آهن، جنهن مان وقت جي ڪاريگرن جي عظيم عظمت ظاهر ٿئي ٿي ۽ ڏسندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. مشهور مؤرخ فلپ ڪي هٽي، ”هسٽري آف عربس“ ۾ لکي ٿو ته مسجد طولون ۾ قرآن پاڪ جو 17/1 حصو ڪاٺ تي اڪريل آهي. هي فن خطاطي ۽ عمارت سازي جو خاص عربي نمونو پيش ڪري ٿو. ان کان سواءِ درين جي مٿان، پاسن کان ۽ محرابين جي مٿان ڪيترا گل ڦل ۽ ٻوٽا نهايت خوبصورتيءَ سان بنايا ويا آهن. جنهن سان مسجد جي خوبصورتي وڌي ويئي آهي. مسجد طولون جون ٻاهريون ديواريون ڪنگريدار آهن، هي سڄي مسجد پڪ سري ٺهيل آهي ۽ مٿانئس گچ جو پلستر ٿيل آهي ۽ مسجد ۾ نقش نگار، گل ۽ ٻوٽا پڻ گچ سان اهڙي طرح اڪر تي ٺهيل آهن جو ڄڻ اصل گل ۽ ٻوٽا پيا سمجهه ۾ اچن. هن مسجد تي ڪيترائي مينار ٺهيل هئا. هر گنبذ ۽ هر ڪنڊ تي مينار هو، جيڪي سڀ هن وقت ڊهي ويا آهن. هن وقت فقط هڪ مينار نظر اچي ٿو. هن مينار جي خوبصورتي به ڏسڻ وٽان آهي. هي مينار هيٺان بلڪل هم چورس آهي، وچ ۾ ڇهه ڪنڊو ۽ مٿي اٺ ڪنڊو آهي، جنهن ۾ اڪيچار دريون نظر اچن ٿيون. مسجد جي وسيع اڱڻ ۾ هڪ وڏو پاڻيءَ جو حوض آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو آهي، جنهن مان حوض کي پاڻي ملي ٿو. ان جي چوڌاري وضو ڪرڻ جون سندليون آهن، جي پڻ پختي گچ سان خوبصورت ٺهيل آهن. ڦوهاري واري عمارت جي دروازي تي وڏيون دريون آهن، جن جي مٿان ڪمان عيوض ٽڪنڊيون محرابيون ٺاهيون ويون آهن. سڄي عمارت جو فرش ٽائلس وانگر ڪاشيءَ جي رنگين سرن سان فرشبندي ڪيل آهي. مطلب وچين دور جي مسلمانن دين جي سربلنديءَ سان گڏ دنيا جي علمن ۽ هنرن ۾ به زبردست ترقي ڪئي ۽ ايندڙ دنيا جا معلم بنيا.[3]

حوالا سنواريو

  1. Verde, Tom. "The Point of the Arch". Saudi Aramco World. شمارو. 3 (Aramco Services Company). صفحا. 34–43. حاصل ڪيل 11 December 2018. 
  2. "Ibn Tulun Mosque « Muslim Heritage". حاصل ڪيل 2019-12-08. 
  3. جامع ابن طولون -- مصر جي عظيم عبادتگاهه---سيف الله بلوچ ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ