ائٽلانٽڪ سمنڊ


ايٽلانٽڪ سمنڊ يا ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ (انگريزي: Atlantic Ocean)(، اردو: بحریہ اوقیانوس ) دنيا جو ٻيون نمبر وڏو سمنڊ آھي جنھن جي پکيڙ 106٬460٬000 km2 (41٬100٬000 sq mi) آهي .[2][3] ھي سمند زمين جي 20 سيڪڙو سطح مٿان واقع آهي ۽ ڌرتي جي پاڻي جو 29 سيڪڙو ھن سمنڊ ۾ آھي. ھي سمنڊ پراڻي دنيا کي نئين دنيا کان ڌار ڪري ٿو. نقشي ۾ ھي سمند انگريزي اکر S , جي صورت ۾ نظر ايندو آهي جنھن جي ھڪ طرف يورپ ۽ آفريڪا جا کنڊ آھن ۽ ٻئي طرف اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ آھن. ان جي ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا واقع آهي.

ايٽلانٽڪ سمنڊ جو نقشو
ايٽلانٽڪ سمنڊ
ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ
ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نقشو
سمنڊ سان لڳندڙ ملڪائٽلانٽڪ سمنڊ سان لڳندڙ ملڪ ۽ بندرگاھون
سطحي پکيڙ106٬460٬000 km2 (41٬100٬000 sq mi)[2][3]
اتر ائٽلانٽڪ: 41٬490٬000 km2 (16٬020٬000 sq mi),
ڏکڻ ائٽلانٽڪ:40٬270٬000 km2 (15٬550٬000 sq mi)[4]
سراسري اونھائي3٬646 m (11٬962 ft)[4]
وڌ کان وڌ اونھائي8٬486 m (27٬841 ft)[4]
پاڻي جو حجم310٬410٬900 km3 (74٬471٬500 cu mi)[4]
ڪناري جي ڊيگھ 1111٬866 km (69٬510 mi) ننڍن سمنڊن سميت [1]
ٻيٽ ٻيٽ
کاھيونپورٽو ريڪو ; سائوٿ سينڊ وچ ; رومانچي
1 Shore length is not a well-defined measure.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڊيو جيڪا بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تان 29 ھين مھم ۾ رڪارڊ ڪئي وئي

نالي جي معنيٰسنواريو

 
فرانس واري 1710 جي آفريڪي نقشي ۾ ايٿوپيائي وڏي سمنڊ جي تصوير

اينٽلانٽڪ نالي جو سڀ کان پراڻو ترين ذڪر ھڪ شاعر اسٽيسيڪارس لڳ ڀڳ ڇھين صدي قبل مسيح ۾ ھن ريت ڪيو [5]: (، يوناني:Ἀτλαντικῷ πελάγει) يعني ائٽلانٽيڪوئي پيلاگيئي (Atlantikoi pelágei) جنھن جي معنيَ ايٽلانٽڪ سمنڊ ('the Atlantic sea'). ان بعد ھيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب: تاريخ ۾ پڻ ان نالي واري سمنڊ جو 450 ق م ۾ ذڪر ھن ريت ڪيو:Ἀτλαντὶς θάλασσα (ايٽلانٽس ٿلاسا - Atlantis thalassa): يعني اينٽلاٽڪ سمنڊ ('Sea of Atlantis') يا ('the Atlantis sea')[6]). ھيروڊوٽس اھو نالو جبرالٽر جي مشھور مقام ھرڪيولس جي ٺلھن جي پار واري سمنڊ جو حوالو ڏيندي استعمال ڪيو ھو جيڪو ان مطابق سمنڊ جو اھڙو حصو ھو جيڪو زمين جي چوڌاري سمايل ھو[7]. انھن استعمالن ۾ اھو نالو يوناني ديومالا جي اٽلس نالي ٽائٽن سان منصوب ڪيو ويو آهي جنھن آسمانن کي ٽيڪ ڏئي کنيو ھو جنھن منظر کي بعد ۾ وچولي دؤر ۾ ڪتابي نقشي ۾ ڏيکاريو ويو ۽ اھڙي طرح ٽائٽن جو اھو نالو (اٽلس) موجودہ دؤر ۾ نقشن جي ڪتاب تي پڻ پئجي ويو[8] يوناني ديومالائي ادب جي قديم ترين ڪتابن اليڊ ۽ اوڊيسي ۽ قديم جھازرانن مطابق ھن سمنڊ جو نالو اوشينسعربي: اوقيانوسيه ) ھو جنھن جو مطلب ھڪ عظيم درياء ھو جيڪو پوري دنيا جي چوڌاري گھيرو ڪري بيٺل ھو.اھو خيال ڪاري سمنڊ ۽ ميڊيٽرينن سمنڊ جي بيھڪ جي ابتڙ ھيو جيڪي چوڌاري خشڪي سان گھيريل ھيا ۽ يوناني انھن جي ان بيھڪ کان خوب باخبر ھيا[9] ھڪ ٻئي خيال مطابق اھو نالو مراڪش ۾ واقع اٽلس جبل ۽ سمنڊ پار جبرالٽر واري سامونڊي لنگھ ۽ اتر آفريڪا جي ساحلي ڪناري واري ھنڌن لاء استعمال ٿيندو ھو[8]

تفصيلي تعارفسنواريو

دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ جو نالو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، جنهن کي عربي ۾ ”بحر اوقيانوس“ سڏيو وڃي ٿو. هي پئسفڪ وڏي سمنڊ کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سمنڊآهي. هن جي پکيڙ 31,830,000 ڪروڙ چورس ميل (166,240,000 چورس ڪلوميٽر) آهي. ان ۾ هن سان لاڳاپيل ٻين سمنڊن جي پکيڙ به شامل آهي. ڌرتيءَ جي 5/1 حصي تي اهو سمنڊ پکڙيل آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سامونڊي ايراضيءَ جي لحاظ کان اٽڪل 23.9 سيڪڙو ايراضي والاري ٿو. هن سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 8 هزار ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍي ويڪر جيڪا برازيل ۽ آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ آهي، سا 2700 ڪلوميٽر اٿس. اتر ۽ ڏکڻ قطب تائين هن سمنڊ جي ڊيگھه 15 هزار ڪلوميٽر آهي. هن سمنڊ تي ائٽلانٽڪ نالو آفريڪا کنڊ جي اتراولهه واري ائٽلس (Atlas) جبل سبب پيو. جيڪو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان لاڳاپيل اوڀر ۾ آهي. جڏهن ته بيفن اُپسمنڊ (Baffin Bay)، هڊسن اُپسمنڊ، سينٽ لارينس نار (Lawrence St. Gulf)، ميڪسيڪو نار ۽ ڪيربين سمنڊ اولهه ۾ اٿس. خط استوا وسيلي، هيءُ سمنڊ ٻن مکيه ڀاڱن يعني اتر ائٽلانٽڪ ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ ورهائجي ٿو.

ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي، پورٽيروڪو ٽرينچ (Puerto Rico Trench) وٽ آهي. جيڪا 30,249 فوٽ ٿئي ٿي. هيءُ سمنڊ اوڀر ۾ آفريڪا ۽ يورپ کنڊ ۽ اولهه ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا کنڊن تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ کي دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هن سمنڊ ۽ ساڻس لاڳاپيل ننڍن ننڍن سمنڊن تي دنيا جا وڏا وڏا تجارتي بندرگاهه موجود آهن. اهي سڀئي بندرگاهه هن سمنڊ وسيلي هڪٻئي سان واپاري ناتن ۾ جڪڙيل آهن. هن سمنڊ ۾ دنيا جا وڏا وڏا ٿڌا ۽ ڪوسا وهڪرا پيدا ٿيندا رهندا آهن، جن جو دنيا جي اڪثر ملڪن جي آبهوا تي اثر پوندو آهي.[10]

ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جا ننڍا سمنڊَسنواريو

ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ اندر کوڙ ننڍا سمنڊَ واقع آھن جن ۾ پکيڙ جي لحاظ کان وڏا ھيٺ ڏجن ٿا[11][12][13]:

  1. سرگاسو سمنڊ - 35 لک ڪ م2
  2. ڪيريبئن سمنڊ - 27.54 لک ڪ م2
  3. ميڊيٽرينئن سمنڊ - 25.10 لک ڪ م 2
  4. گني وارو نار - 23.5 لک ڪ م 2
  5. ميڪسيڪو وارو نار - 15.50 لک ڪ م 2
  6. نَاروِيجَن سمنڊ - 13.83 لک ڪ م 2
  7. ھَڊسَن اُپسَمنڊُ-12.3 لک ڪ م2
  8. گرين لينڊ سمنڊ-12.05 لک ڪ م2
  9. ارجنٽائن سمنڊ - 10 لک ڪ م 2
  10. ليبراڊور سمنڊ-8.41 لک ڪ م2
  11. ارمنجر سمنڊ-7.80 لک ڪ م2
  12. بيفن اپسمنڊ-6.892
  13. اتر سمنڊ -5.75 لک ڪ م2
  14. ڪارو سمنڊ-4.36 لک ڪ م2
  15. بالٽڪ سمنڊ-3.77 لک ڪ م2
  16. لِبيَن سمنڊ-3.50 لک ڪ م2
  17. ليونٽائين سمنڊ-3.20 لک ڪ م2
  18. ڪيلٽڪ سمنڊ-3 لک ڪ م2
  19. ٽرينيئن سمنڊ- 2.75 لک ڪ م2
  20. سينٽ لارنس وارو نار-2.26 لک ڪ م2
  21. بسڪي وارو اپسمنڊ-2.23 لک ڪ م2
  22. ايجيئن سمنڊ-2.14 لک ڪ م2
  23. آئيونيئن سمنڊ-1.69 لک ڪ م2
  24. بيليئيرڪ سمنڊ-1.50 لک ڪ م2
  25. اڊريئاٽڪ سمنڊ-1.38 لک ڪ م2
  26. بوسنيا وارو نار-1.163 لک ڪ م2
  27. ڪريٽ وارو سمنڊ-95 ھزار ڪ م2
  28. مئين وارو نار-93 ھزار ڪ م2
  29. لگوريئن سمنڊ-80 ھزار ڪ م2
  30. انگلش چئنل-75 ھزار ڪ م2
  31. جيمز اپسمنڊ-68.3 ھزار ڪ م2
  32. بوسنيئن سمنڊ-66 ھزار ڪ م2
  33. سدرا وارو نار-57 ھزار2
  34. ھيبرڊيز سمنڊ-47 ھزار ڪ م2
  35. آئرش سمنڊ-46 ھزار ڪ م2
  36. آزاف وارو سمنڊ- 39 ھزار ڪ م2
  37. بوسنيئن اپسمنڊ-36.8 ھزار ڪ م2
  38. وينيزئيلا وارو نار-17.84 ھزار ڪ م2
  39. ڪيمپيچي وارو اپسمنڊ-16 ھزار ڪ م2
  40. لائن وارو نار-15 ھزار ڪ م2
  41. مرمارا وارو سمنڊ-11.35 ھزار ڪ م2
  42. ويڊن سمنڊ-10 ھزار ڪ م2
  43. آرڪيپيلاگو سمنڊ- 8.3 ھزار ڪ م 2

ايٽلانٽڪ سمنڊ جون زميني پليٽونسنواريو

 
پينگئيا جي ٽٽڻ سان ٽن مرحلن ۾ کلڻ واري جاء تي اينٽلاٽڪ سمنڊ جو جنم

ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو ٿلھو آتشي پٿر وارو ۽، ميگنيشيم ۽ لوھ سان ڀرپور خول باسالٽ ۽ گئبرو جو ٺھيل آھي جنھن مٿان سنھي چيڪي مٽي، وَارِي ۽ تھ جي جر مان نڪتل سليڪيٽ معدنيات واري نيڪال جو تھ چڙھيل آهي. جن سمنڊ جو سڀ کان پراڻو ترو ساڍا چوڏھن ڪروڙ سال پراڻو آھي جيڪو آفريڪا جي اولھندي ڪناري ۽ اتر آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري لڳ واقع آهي[14][15]

پينگئيا جو وچ ايٽلانٽڪ واري جاء کان ڦاٽڻسنواريو

وچ ايٽلانٽڪ واري جاء تان زمين جو ڦاٽڻ

زمين جي سڀ کان وڏي کنڊ پينگئيا جي ٽٽڻ جي شروعات وچ ايٽلانٽڪ ۾ اتراولھ آفريڪا ۽ اتر آمريڪا جي وچ تي ٿي هئي جتي ٽرائسڪ واري پوئين دؤر ۽ جيوراسڪ واري شروعاتي دؤر ۾ طاس يا حوض ٺھڻ جي شروعات ٿي چڪي ھئ. ان دؤر ۾ ئي اٽلس جبلن جي قطارن مٿي اڀرڻ شروع ڪيو ھو. انھن جبلن جي اڀرڻ جي وقت بابت اندازا اختلاف وارا آھن[16] زمين جي ڦاٽڻ جي شروعات وچ ايٽلانٽڪ جي مقناطيسي ميدان کان ٿي ھئي[17].

ڏکڻ ايٽلانٽڪ جو کُلڻ

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 [ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/zh.html]
  2. 2.0 2.1 NOAA: How big is the Atlantic Ocean?
  3. 3.0 3.1 "Atlantic Ocean". Encyclopædia Britannica. وقت 15 February 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 December 2016. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 [ Eagles, G. (2007). "New angles on South Atlantic opening". Geophysical Journal International 168 (1): 353–361. doi:10.1111/j.1365-246X.2006.03206.x. Bibcode2007GeoJI.168..353E. http://gji.oxfordjournals.org/content/168/1/353.full.pdf+html. Retrieved 23 October 2016.  ]
  5. Mangas, Julio; Plácido, Domingo; Elícegui, Elvira Gangutia; Rodríguez Somolinos, Helena (1998). [[[:سانچو:Google books]] La Península Ibérica en los autores griegos: de Homero a Platón - SLG / (Sch. A. R. 1. 211)]. Editorial Complutense. pp. 283–. سانچو:Google books. 
  6. 1 Ἀ. θάλασσα "la mar Atlántida" (the Atlantis sea)..., DGE Dictionary, CSIC, 2006. آرڪائيو ڪيا ويا 1 January 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. Hdt. 1.202.4
  8. 8.0 8.1 Oxford Dictionaries 2015
  9. Janni 2015, p. 27
  10. ائٽلانٽڪ سمنڊ : (Sindhianaسنڌيانا)
  11. https://www.livescience.com/29533-the-worlds-biggest-oceans-and-seas.html
  12. https://www.worldatlas.com/
  13. http://listofseas.com/
  14. Fitton, Godfrey; Larsen, Lotte Melchior. "The geological history of the North Atlantic Ocean". صفحا. 10, 15. 
  15. سانچو:Cite report
  16. Seton et al. 2012, Central Atlantic, pp. 218, 220
  17. Blackburn et al. 2013, p. 941