سنڌ ڀلاري ڀُونءِ پنهنجي ڪُک مان اهڙين هستين کي جنم ڏنو آھي، جن پنهنجي ڪردار ۽ اشعار ذريعي هتان جي ماڻهن کي پيار، محبت، امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آھي، انهن مان اسانجو هادي رهبر، گهوٽڪيء جو گهوٽ، سنڌڙي جو سينگار شھنشاه سخي سردار محمود خان گهوٽو سائين جن پڻ ھڪ آھن.[1] سندن اصل نالو محمود خان گھوٽو ھو. پاڻ سائين جن تعلقي گهوٽڪي جي مشھور ۽ ست صديون پراڻي تاريخي ڳوٺ، حُسين ٻيلِي ۾ گهوٽا قبيلي جي سرداري گھراڻي ۾ سردار ستار بخش خان گهوٽو جي گهر 1912ع ۾ تولد ٿيا۔ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائون، قرآن شريف ۽ عربي فارسي جو علم شڪارپور جي قبا جامي جي مدرسي مان پرايائون. پاڻ اڃان ٻارنھن سالن جا ٿيا ته سندن والد سڳورو وصال ڪري ويو، انڪري ننڍي عمر ۾ کين سرداري جي پڳ ٻڌائي وئي. پاڻ پنهنجي والد صاحب جا اڪيلا فرزند هئا.

سنڌ جو مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت صوفي محمود فقير گهوٽو سندن سهرو ۽ سڳو ماسات هو. انهن جي صحبت سان پاڻ خاني وارا خيال ختم ڪري فقيري ۽ رندي راه جا راهي ٿيا ۽ سنڌ جي صوفي القادري قلندري سلسلي سان سلهاڙجي شھنشاه سيد قلندر علي شاه وڳڻائي جي بلند مقام طالب فقير شھنشاه پيرل فقير عباسي جا دست بيعت طالب ٿي قلندري جي مقام تي وڃي پهتا. پاڻ سائين جن درگاھ حُسين ٻيلِي شريف جا گادي نشين ۽ گھوٽا قبيلي جا چيف سردار ھئا. ظاھري سردار ھوندي باطن جو سڀئي منزلون شريعت، طريقت ۽ حقيقت حاصل ڪري معرفت جا مزا ماڻيائون. شھنشاھ سخي سردار محمدڻ فقير گھوٽو جن جو قرآن پاڪ ۽ ڪتابن سان بي انتھا چاھ ھو. سندن محبوب مشغلو قرآن پاڪ جو دور ڪرڻ ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ھو. سندن پڙھڻ جي رواني تمام تيز ھوندي ھئي. پاڻ ھر روز قرآن پاڪ جو ختم پورو ڪندا هئا. پاڻ فرمايائون تہ اسان پنهجي زندگي ۾ قرآن پاڪ جا يارنهن هزار کان مٿي ختم پڙھيا آھن. سندن مطالعو ڪيل ڪتابن جو تعداد ھزارن ۾ آھي. ڪنھن به ڪتاب مان ڪو حوالو ڏيڻ وقت کين ڪتاب جو باب، ڀاڱو يا صفحو وغيره به ياد ھوندو ھُيَن.

پاڻ ھڪ ئي وقت عالم، عارف، عابد، زاھد، صوفي، سنياسي، سردار، فقير، طالب، طبيب، شاعر، راڳي، مرشد ۽ محبوب ھئا. سندن سادگي، قرب، پيار ۽ پاٻوھ ڪيترن ئي ماڻھن کي موھي وڌو. سائين جن تمام گهڻا مهمان نواز، قربدار ۽ ٻاجهاري طبيعت جا مالڪ هئا. سخاوت ۾ تہ حاتم بہ سندن مَٽ نہ ٿيندو ، الله جي راه ۾ هزارين ايڪڙ زمين ۽ ملڪيتن جو مڏيون غريبن، مسڪينن ۽ بيواهن ۾ ورهائي ڇڏيائون۔ سوالي سندن در تان ڪڏهن بہ خالي نہ ويو. ايتري تائين جو لڱن جو لباس بہ لاهي انهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا.

لباس ۾ شلوار قميص ۽ ان جي مٿان گلابي الفي پائيندا هئا. سر مبارڪ تي اڪثر گيڙو ويس ٻڌندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن اڇي، سائي، بوسڪي ۽ ڪاري دستار مبارڪ پائيندا هئا. سائين جن سير ۽ سياحت جا ڪوڏيا ھئا، پاڻ هِند ۽ سِنڌ جون سڀئي درگاهون گهميا. ڪيترائي وڏا عالم، اديب، عارف، عشاق، اهل الله، صوفي ۽ شاعر سندن همعصر رهيا جن سان سندن اڪثر ملاقاتون ۽ روح رهاڻيون جاري هونديون هيون، جن ۾ فقير سيد انور علي شاه بخاري، غمدل فقير دايو، داتا ولايت شاه جيلاني، وريل فقير ابڙو ثاني، مولانا عبدالحي گھوٽو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مولوي سلطان محمود گھوٽو، علامه سيد اظھر شاه گيلاني، مبارڪ شاه جيلاني لوء صاحبان وارو، نماڻو فقير گهوٽو، دوست علي فقير کٽياڻ، جانڻ فقير چن، صوفي سائين محمد فقير گهوٽو، فقير سيد حضورڻ سائين، اعجاز شاه راشدي، محب فقير ٽالپر ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن۔ سائين جن شروع جواني ۾ سياست ۾ حصو ورتو پر بعد ۾ ڇڏي ڏنائون۔ ڪيترن ئي وڏن سياستدانن ۽ سردارن سان تعلق هُين، جن ۾ پير سائين پاڳارو، ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، سردار غلام محمد خان مهر، سردار دادن خان ۽ مير نور محمد خان لُنڊ، سردار علي نواز خان ڌاريجو، سردار سُندر خان سندراڻي، سردار علي مردان خان چاچڙ ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا.

شھنشاھ سخي سردار محمدڻ فقير گھوٽو جن جي علم، عشق، فيض ۽ ولايت کان متاثر ٿي ڪيترائي ماڻھو سندن عقيدتمند بنجي طالب ٿيا ۽ کانئن فيض وٺي صوفياڻي رنگ ۾ رنگجي ريٽا ٿيا. سندن شاعري سنڌي، هِندي، سرائیڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي مشتمل آھي. شاعري جي تقريباً سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿائون. جن ۾ ڪافي، غزل، مولود، نعت، حمد، مرثيه، منقبت، مدح، مثنوي، رباعي، بيت، دوھيڙو وغيره شامل آھن. شاعري ۾ حسن، عشق، سولي، هِجر، فراق، وصال، موکي، مجاز، سڪ، سوز ۽ ھمہ اوست جو رنگ نمايان نظر ايندو۔ شاعري کان سواءِ نثر ۾ سندن تصنيف ٿيل آھي، جن ۾ تصوف جا باريڪ نڪتا ۽ سندن ھدايتون لکيل آھن. پاڻ پنھنجي نظم ۽ نثر ۾ الله جي عشق، رسول الله صلی اللہ علیہ و سلم جي محبت، اھل بيت ۽ اصحاب سڳورن سان پيار، انساني برابري، مذھبي روارداري، سماجي ھم آھنگي، ماڻھپي، امن، ايثار، محبت ۽ پيار جو پيغام پھچايو آھي.

شھنشاھ سخي سردار محمدڻ سائين جن جو وصال مبارڪ 13 فيبروري، 1997ع بمطابق 05 شوال، 1417ھجري عصر جي وقت پوڻين چئين بجي ڌاري ٿيو. پاڻ درگاھ ڳوٺ حُسين ٻيلي شريف ۾ سندن ئي طرفان تعمير ڪرايل عاليشان روضي مبارڪ ۾ حضرت صوفي محمد فقير گھوٽو جن جي ڀرسان آرامي آھن. پنھنجي زندگيءَ ۾ پاڻ پنھنجي والد سڳوري جو عرس مبارڪ 21، 22، 23 رجب تي ھر سال وڏي ڌوم ڌام سان ملھائيندا ھئا جيڪو ھاڻي سندن نالي تي خاص عقيدت ۽ احترام سان خالص صوفياڻي رنگ ۾ ملهايو ويندو آھي۔ جڏھن ته وصال واري تاريخ 05 ۽ 06 شوال تي پڻ يادگار ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي ۽ ساري رات ويراڳي فقير سندن مداحون ۽ ڪلام ڳائي کين خراج عقيدت پيش ڪندا آھن. ھن وقت سندن فرزند ارجمند چيف سردار ستار بخش خان المعروف فقير شھنشاه سخي سردار بابا ارشاد علي سائين جن گھوٽا قبيلي جا پڳدار ۽ سندن مسند نشين آھن ۽ ھر جمعي جي رات مغرب کان درگاه پاڪ تي وڏي عقيدت سان محفل مچائيندا آھن. جن ۾ اوري پري کان عقيدتمند اچي روحاني راحت حاصل ڪندا آھن. سندن ھڪ ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾ انسانيت جي عظمت بيان ڪيل آھي.

انسان سبحان اعظم شان،

چُوني بيچُوني انسان اعليٰ.

ڪٿي آدمؑ شيثؑ اظهار ٿيا۔

ڪٿي ھابيل قابيل تڪرار ٿيا،

ڪاٿي نوحؑ نبي عاد نروار ٿيا

بيرنگي رنگوني انسان اعليٰ.

ڪٿي دائودؑ دھشت سليمانؑ ٿيا

ڪٿي موسيٰؑ بہ عیسیٰؑ عمران ٿيا،

ڪٿي ابراھيمؑ آذر نيشان ٿيا

دروني بيروني انسان اعليٰ.

ڪٿي ادريسؑ الياسؑ آثار ٿيا

ڪٿي يعقوبؑ يوسفؑ دلدار ٿيا،

ڪٿي اسماعيلؑ اسحاقؑ ذبح دار ٿيا

خوني صيهوني انسان اعليٰ.

ڪٿي افلاطون، طاليس، لقمان ٿيا

ڪٿي بھرام، باقا، خاقان ٿيا،

ڪٿي سڪندر، دارا، شاھان ٿيا

گُوني بگوني انسان اعليٰ.

ڪٿي نمرود، شداد، فرعون ٿيا

ڪٿي بلقيس، بھلول، ھارونؑ ٿيا،

ڪاٿي حاتم، ھامان، قارون ٿيا۔

ديني بيديني انسان اعليٰ.

ڪٿي عبداللّٰه احمّد ختم النبيؐ۔

ڪٿي حسنؑ، حسينؑ و خاتون عليؑ،

ڪٿي اصحاب القاب عبد النبي۔

نگيني نگوني انسان اعليٰ.

ڪٿي رھبر ھادي رحمان ٿيا۔

ڪٿي معشوق، عاشق پريشان ٿيا،

ڪٿي سائين خادم حُڪمان ٿيا۔

نموني نموني انسان اعليٰ.

ڪٿي موسيٰ مدھوش ڪوه طور ٿيا۔

ڪٿي سولي سربر منصور ٿيا،

ڪٿي مذهب مُلن مذڪور ٿيا۔

ناحقوني حقوني انسان اعليٰ.

ڪٿي مائٽ دوست برادر ٿيا۔

ڪٿي مُدعي مُدعا شران شِر ٿيا،

ڪٿي حاڪم حڪمت سراسر ٿيا۔

دُوني يڪوني انسان اعليٰ.

ڪٿي موج ”محمدڻ“ مسرور ٿيا۔

ڪٿي راز پوشي مشڪور ٿيا،

جِٿ ڪِٿ ھر رنگ حضور ٿيا۔

باطوني ظهوني انسان اعليٰ.

  1. چيف سردار محمود خان گهوٽو