گهوٽڪي

سنڌ جو مشھور شھر

گھوٽڪي(انگريزي: Ghotki) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي جو ھڪ شھر جيڪو تعلقي گھوٽڪي جي صدر مقام ھجڻ سميت گھوٽڪي جي عدالتي ضلعي جو پڻ صدر مقام آهي. گھوٽڪي ضلعي جو انتظامي صدرمقام ميرپورماٿيلو ۾ آھي. گھوٽڪي شھر ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر آھي. گھوٽڪي شھر قومي شاهراھ اين-5 ۽ ڪراچي- پشاور ريلوي لائن تي واقع آهي.

Ghotki
سنڌ جو شھر
گھوٽڪي
گھوٽڪي شھر جي ھڪ جاء
گھوٽڪي شھر جي ھڪ جاء
گھوٽڪي شھر جو بس اسٽينڊ
گھوٽڪي شھر جو بس اسٽينڊ
Ghotki is located in سنڌ
Ghotki
Ghotki
Ghotki is located in Pakistan
Ghotki
Ghotki
گھوٽڪي شھر جو بس اسٽينڊ
جاگرافي بيهڪ: Ghotki City 28°06′N 69°11′E / 28.1°N 69.19°E / 28.1; 69.19
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو گھوٽڪي
بلندي 72 ميل (236 ft)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 124,258
گھوٽڪي جي ھڪ فلور مل
گھوٽڪي جو ھڪ علامتي گيٽ جيڪو علي محمد مھر جي نالي سان منصوب ٿيل آهي

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ:"گهوٽڪي: جنهن کي اڳي گهوٽہ چوندا هئا. سو سنه 1447ع ڌاري پير محسن شاھ ٻڌو. جنهن هڪڙي عاليشان مسجد به منجهس ٺهرائي. هي پيرن جو شهر آهي ۽ اڃا تائين انهي ۾ اهي رهندا آهن. قادر پور وارا پير اصل اچ جا هئا ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ اتي آيا ۽ جاگيرون ملين. پير گنج بخش شاھ مشهور آهي. انهيءَ جي ڏکڻ اڀرندي ڏي ماٿيلي جو ڦٽل شهر آهي. جو ساڍا ٽي ڪوھ اتان ٿيندو. اتي هڪڙو جهونو قلعو آهي، جو امر نالي هڪڙي راجپوت ٺهرايو هو. جنهن کي چوڏهن سئو ورهيه ٿيندا. ميرپور جو شهر انهيءَ قديم ماٿيلي جي تعلقي ۾ آهي. سو سنه 1739ع ڌاري مير مَسُو خان ٽالپر ٻڌو. اهو هاڻي ميرپور تعلقي جو وڏو شهر آهي. انهيءَ کي اڳي مهرڪا به چوندا هئا، جو اتي مهر ماڻهو رهندا هئا."[2]

مقامين سان زيادتيون

سنواريو

هي شهر پاڪستان جو ٻيو نمبر وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شهر آهي. هن شهر ۾ ايشيا جي وڏي گيس فيلڊ، قادرپور او جي ڊي سي ايل گيس فيلڊ آهي جنهن ۾ سوين تيل ۽ گيس جا کوه شامل آهن جيڪي پنجاب اماڻيا ويندا آهن، مقامين کي ڪو به فائدو ناهي. گھوٽڪي ۾ سوين مليون ۽ فيڪٽريون هجڻ باوجود مقامي بيروزگار آهن. ڌارين کي نوڪريون ڏنيون وينديون آهن. ايتري شاهوڪار شهر ۾ مقامين سان ظلم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو گھوٽڪي جي ڪمپنين، فيڪٽرين، ملين ۽ گيس فيلڊن اندر پيش امام به غير سنڌي آهن.

  1. {https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=80302}
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

سنڌي ٻولي اٿارٽي