فقير: ھيءَ ڪا خاص قوم ناھي. جي ھندو يا مسلمان قومون يا ذاتيون پنڻ تي گذران ڪنديون آھن، تن کي فقير چوندا آھن. صوفي فقير سڀني کان مٿي آھن. کدڙا به فقير سڏبا آھن. ھندن ۾ بيراڳي، سنياسي، گوسائين ۽ جوڳي فقير سڏبا آھن. ڪلھوڙن جا مريد به فقير سڏبا آھن، جن کي ميانوال به چوندا آھن. گھڻا سيد به فقير آھن. ڪيھري جي باندر ڀولڙا نچائيندا آھن ۽ مڱڻھار ۽ سرندائي ۽ ڀٽ ۽ اھڙا ٻيا ماڻھو سڀ فقير سڏبا آھن.[1]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو