محمد صادق کڏي وارو

19-مولانا ميان عبدالله جو ھي پٽ 15 مارچ 1874ع مطابق، 25 محرم 1291ھ تي، ڪراچيءَ جي محلي کڏي ۾ ڄائو هو. سندس ابتدائي تعليم کڏي جي ”مظهرالعلوم“ مدرسي ۾ ٿي . مولانا احمد الدين جهڙي تجربيڪار ۽ قابل استاد جي هٿ هيٺ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪري، علمي تڪميل لاءِ ديوبند جي مدرسي ۾ ويو، جتي شيخ الهندي مولانا محمود الحسن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيس. مولانا سيد حسين احمد مدني، مفتي ڪفايت الله دهلوي،مولوي سيد انور شاهه ۽ مولانا عبيدالله سنڌي، سڀ سندس همڪلاسي هئا. هو 1886ع ۾ ديوبند مان فارغ التحصيل ٿي، موٽي ڪراچيءَ آيو. ديوبند ۾ هن جي مستقل مزاجي، علمي صلاحيت، ذهني لياقت، حقگوئيءَ ۽ بيريائيءَ جو سندس استاد شيخ الهند تي خاص اثر ويهي ويو، جنهن ڪري هو پنهنجي سياسي تحريڪ جي سلسلي ۾ وقت بوقت پيو کيس گهرائيندو هو ۽ کيس رازدان خصوصي سمجهي، سنڌ ۾ تحريڪ جو سربراهه مقرر ڪيو هئائين. مولوي صاحب جميعت الانصار جو پڻ رڪن هو. اھا ترڪن جي مدد لا قائم ٿي ھئي جڏھن انگريزن عراق تي حملو ڪيو تہ مولانا ان وقت فتويٰ ڏني ته انگريز جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، ترڪن سان لڙڻ ڪفر آهي. مولانا جي انهيءَ فتويٰ ۽ ٻين عالمن جي پٺڀرائيءَ بلوچستان ۾ خاص اثر پيدا ڪيو، جنهن ڪريسردار نور الدين مينگل جي اڳواڻيءَ هيٺ، انگريزن خلاف بغاوت ٿي پيئي. انهيءَ ڪري انگريزن جي بلوچستان مان لشڪر جي ڀرتي هڪ طرف روڪجي پيئي، ته ٻئي طرف مڪاني بغاوت کي روڪڻ لاءِ انگريزن کي گهڻو لشڪر هتي روڪڻو پيو، جنهن ڪري ترڪن جي گهيري هيٺ آيل جنرل ٽائون شيڊکي هتان جي مدد وقت تي پهچي نه سگهي ۽ هو مجبوراً ترڪن اڳيان پيش پيو. جمعيت الانصار جي انهن سرگرمين کي روڪڻ لاءِ، برٽش سرڪار کي سخت قدم کڻڻا پيا ۽ ان جي مکيه ميمبرن کي گرفتار ڪيائون. شيخ الهند محمود الحسن ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي حج تان گرفتار ڪرائي، مالٽا ۾ رکيائون. مولانا محمد صادق کي چئن سالن تائين ڪاروار جيل ۾ رکيو ويو. مولانا عبيدالله سنڌي، پتي پوڻ تي،شيخ محمد ابراهيم (مولانا محمد صادق جي مامي جو پٽ) ۽ مولانا عبدالله لغاريءَ سان هجرت ڪري، افغانستان هليو ويو. قيد کان رهائيءَ بعد مولانا محمد صادق خلافت تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1920ع ۾ مولانا کي ڪراچي شهر ۾ سڏايل خلافت ڪانفرنس جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. پوءِ سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو ڪڏهن صدر ۽ ڪڏهن نائب صدر پئي رهيو. ٻين به ڪيترين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. مثلاً؛ جنگ بلقان ۽ طرابلس جي موقعي تي هندستان مان فند ڪٺي ڪرڻ ۾ حصو ورتائين.سمرنا ۾ يونانين جي ظلمن خلاف احتجاجي جلسا ڪرايائين.فلسطين ۾ اتحادين جڏهن يهودين کي ملڪ جو ٽڪرو ڏنو ۽ يهودين عربن کي اتان لڏائڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ لاءِ هندستاني مسلمانن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ 1933ع ۾ ، مفتي اعظم فلسطين امين الحسين ڪراچيءَ آيو ته مولانا کيس همدرديءَ جو يقين ڏياريو. 1938ع ۾، خالق ڏني هال ڪراچيءَ ۾ تبليغي ڪانفرنس، مولانا حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ ڪوٺايائين. کڏي جي مسلمانن تي مولانا جو گهڻو اثر هوندو هو ۽ انهن خلاف تحريڪ ۾ مولانا جو سٺو ساٿ ڏنو. سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول واري، پير صاحب جهنڊي وارن ۽ پير صاحب ڪاماري وارن سان گهاٽا دوستاڻا تعلقات هئس. مولانا جو جمعيت العلماءِ هند سان تعلق هو، ان جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ صوبائي شاخ جو صدر ٿي رهندو آيو. مدرسه دارالعلوم ديوبند جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو به ميمبر رهندو آيو. مسلم ليگ ۾ آخر تائين شموليت نه ڪئي. کڏي واري ”مظهر العلوم“ مدرسي جو ڪم اعزازي طور تي ڪندو هو. سندس گذر معاش جو مدار طبابت تي هو، جنهن مان ٻه چار جايون ٺهرايائين، جن جي مسواڙ مان گذارو ڪندو هو. کيس ڇاهٺ ورهين جي آخري ڄمار ۾ 1940ع ۾ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو محمد اسماعيل رکيائين. مولانا صاحب 18 جون 1953ع، مطابق 1372ھ تي اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي..[1]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو