محمد حسن
ديھ محمد حسن(انگريزي: Deh Muhammad Hassan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ھڪڙا تپي ۾ واقع آهي.
محمد حسن (قبو سعيد خان) ديھ محمد حسن | |
---|---|
ديھ | |
Deh Muhammad Hassan | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°51′27″N 67°43′06″E / 27.85750°N 67.71833°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,454 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1904ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ بخش علي خان چانڊيو ۽ ڳوٺ عمر سيال واقع ھيا[2]. 1904ع ۾ ھي ديھ تپو سير ماڇي ۾ واقع ھئي جيڪو ضلعو سرحد (ھاڻي: جيڪب آباد) ۽ تعلقو شھدادپور (ھاڻي:شھدادڪوٽ) جو حصو ھيو. ان وقت ديھ جي وچ ۾ اوڀر کان اولھ طرف ڪڙيو نئون محمد حسن واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميرڻ جمالي، ڳوٺ محمد آچر بروھي، قلندر بخش مگسي معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪوٽ شاھبيگ ۽ ديھ ڪامل، اوڀر ۾ ديھ فالئي، اولھ ۾ ديھ سير ڊکڻ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ پتوجا ۽ ديھ ھڪڙا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي جنھن مطابق ان ۾ 687 روينيو سروي نمبر آھن. شھدادڪوٽ قبو روڊ ديھ جي اترئين دنگ تي واقع آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,454 ھئي جيڪا 274 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]