پتوجا (قبو سعيد خان)


ديھ پتوجا(انگريزي: Deh Patuja) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ھڪڙا تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ ۾ پتوجا ذات جي ماڻهن جي ڳوٺن ھجڻ سبب پتوجا نالو پيو.

پتوجا (قبو سعيد خان)
ديھ پتوجا
ديھ
Deh
پتوجا (قبو سعيد خان) is located in سنڌ
پتوجا (قبو سعيد خان)
پتوجا (قبو سعيد خان)
پتوجا (قبو سعيد خان) is located in Pakistan
پتوجا (قبو سعيد خان)
پتوجا (قبو سعيد خان)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°49′34″N 67°45′20″E / 27.82611°N 67.75556°E / 27.82611; 67.75556مڪانيت: 27°49′34″N 67°45′20″E / 27.82611°N 67.75556°E / 27.82611; 67.75556
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قبو سعيد خان تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 355

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ سائين ڏنو چانڊيو، ڳوٺ شير محمد ڀٽو، ڳوٺ ڀليڏنو پتوجو ۽ ڳوٺ شيرو پتوجو واقع ھيا[2]. ان وقت اھا ديھ تپو بگو ۾ واقع ھئي. 1902 م شھدادپور-بگو سڙڪ ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي مان گذرندڙ ھئي. ڳوٺ شيرو پتوجو شھدادپور (ھاڻ: شھدادڪوٽ) بگو سڙڪ تي واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڪو به معروف ڳوٺ ڪانه آهي.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ فلائي ۽ ديھ محمد حسن، اوڀر ۾ ديھ بھرام مٿيون، ديھ ڇاڄري، ۽ ديھ ڦولرو، اولھ ۾ ديھ ھڪڙا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ کوکر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ مان پتوجا ڊسٽري وھندڙ آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 355 ھئي جيڪا 66 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]