متسيا

وشنو يا وِشڻو ڀڳوان جو مَڇِي اوِتارُ

متسيا(انگريزي ٻولي: Matsya) وِشنو ڀڳوان جو اوتار آهي. سندس ڏهن اوتارن مان هيءُ پھريون اوتار آهي.[1] متسيا بابت سڀ کان پھرين يجرويد (ستپت برھمڻ گرنٿ) ۾ ذڪر ملي ٿو. مٿس الڳ پراڻ پڻ لکيل آهي، جنھن کي "متسيا پراڻ" چيو ويندو آهي.

ماتيسيا اوتار-:"ماتسيا جي پينٽنگ، وشنو ڀڳوان جو مَڇي وارو اوتار. وشنو جي جسم جو مٿيون ڀاڱو مڇي جي جسم مان اُڀري ٿو. هڪ ريشمي ساش هن جي ٺونٺ تي نقش ٿيل آهي ۽ هڪ مُنجهيل ڊزائن آهي. مٿان رکيل ۽ پاڻي تي نشان لڳل يورپي پيپر، تاريخ سال 1816ع."

ابتدا

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب” جامع سنڌي لغات“ ۾ ڄاڻايو آھي ته ماڇي سنسڪرت جي لفظمتسيا“ مان ورتل آھي ۽ معني` اٿس ” مهاڻو، مڇي ماريندڙ“. [2]

وشنوپراڻ ۾ آيل آ ته وئيوسُوَتُ سَتياورتُ شِريڌاديو (مَنوڀڳوان) وڏي ٻوڏ کان پهريان دراوڙن جو راجا ۽ ديوتا پڻ ھو. جنهن کي وشنو ڀڳوان مَتسَيا (ڌڙ مڇي ۽ مهانڊو ماڻھوء جو) جو روپ وٺي اهو ٻڌايو ته هڪ وڏي اوڳاھ ياٻوڏ ايندي جنهن ڪري پرٿويء تان نسلن جي پرلئه ٿي ويندي. هن کيس هڪ وڏي ٻيڙي ٺاهڻ جو چيو جنهن ۾ منوء ويد، پنهنجو ڪٽنب، سپت رشي(ست مهاپُرش) ۽ گهڻيون ئي جيو جاتيون بچائي ورتيون. جن مان پوءڌرتيء تي الڳ الڳ جاتين جي واڌ ويجھ ٿي. [3]”وشنو ڀڳوان “ پڻ ”متسيا“ يا ”ماڇي” جو اوتار وٺي ”منو ڀڳوان“ کي مهاٻوڏ دوران ٻيڙي ٺاهڻ جو ڏس ڏنو هو. اها ڏند ڪٿا ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان ٻين سڀيتائن ۾ به ملي آھي، جيئنعراقي سڀيتا ۾ گل گاميش جي ڪٿا ۽ ابراهيمي ڌرمن ۾نوح جي ڪٿا.[4]

  1. "Meaning of متسیہ - The J.T. Platts Dictionary of Urdu and Classical Hindi". حاصل ڪيل 2020-10-19. 
  2. جامع سنڌي لغات ليکڪ ” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“
  3. "Matsya | Hinduism". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-11-17. 
  4. "Matsya | Hinduism". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-11-17.