ماھوٽا ( يو سي)

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ يوسي


يو سي 22 ماھوٽا (انگريزي: U C 22 Mahota) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 8,552 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ماھوٽا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جيڪو رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي وچ تي قومي شاهراھ اين 105 تي واقع آهي. ان کان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي يو سي جو ٻيو وڏو ڳوٺ چوھڙپور واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ماھوٽا، بروھي، مري، شاھاڻي، کوسا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ محمد صالح بروهي، ڳوٺ ماھوٽا، چوھڙپور ، ديھ چوھڙپور، پنجيديرو، سيد مطلب شاھ جي مزار، ماھوٽا ٿاڻو، ھاء پاور ٽرانسميشن ريڊيو پاڪستان چوھڙپور ۽ ٻيا شامل آهن.

ماھوٽا
يو سي 22 ماھوٽا
يونين ڪاؤنسل
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 10
ماھوٽا is located in سنڌ
ماھوٽا
ماھوٽا
ماھوٽا is located in Pakistan
ماھوٽا
ماھوٽا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°37′03″N 68°16′36″E / 27.61750°N 68.27667°E / 27.61750; 68.27667مڪانيت: 27°37′03″N 68°16′36″E / 27.61750°N 68.27667°E / 27.61750; 68.27667
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
ٿاڻو ماھوٽا ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 8,552

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ,مشتاق احمد ماھوٽو ۽ وائيس چيئرمين منير احمد بروهي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ گل محمد کوسو جو محمد ابراهيم کوسو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل، سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ماھوٽا ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول ۽ ڳوٺ ٻاھران ھائر سيڪنڊري اسڪول واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/