آذربائيجاني ناٽڪ ناچ

آذربائيجان جو (ناٽڪ ۾ ناچ، يا ، ناچ،رقص، انگريزي ۾ باليٽ Ballet يعني ناٽڪ ۾ ناچ)

آذربائيجاني ناٽڪ ناچ (انگريزي ٻولي: Azerbaijani ballet) (آذربائيجاني: Azərbaycan baleti) آذربائيجان ۾ ڪلاسيڪي ناٽڪ ناچ (بيلئٽ) ۾ ڏيکاريل تربيتي طريقا ۽ جمالياتي خصوصيتون آهن.

آذربائيجان جي موسيقي
ونهواري موضوع
* آذربائيجاني ناچ
صنفون
* ڪلاسيڪل
  • فوڪ ميوزڪ
  • هپ هاپ
  • جاز (ناچ راڳ جو هڪ قِسمُ)
  • اوپيرا
  • پاپ
  • راڪ
  • خاص رسمون
    روايتي موسيقي * آذربائيجياني موسيقي ڳائيندڙن جو هڪ قسم عاشيق
    ذيلي-صنفون * جاز مغم
    ميڊيا ۽ ميلا ملاکڙا
    ميوزڪ فيسٽولز * گبالا موسيقي ميلو
    ميوزڪ ميڊيا آذري ثقافت ڏيکاريندڙ سرڪاري ٽي وي
    قومي ۽ محب وطن گيت
    قومي ڀڄن (تَرانو) مارچ آف آذربائيجان

    تاريخ سنواريو

    افسرياب بادلبيلي جي تخليق ڪيل ميڊن ٽاور (بيلئيٽ) سان آذربائيجاني ناٽڪ ناچ جي شروعات 1940 ۾ ٿي هئي.[1] ان عرصي دوران، ناٽڪ ناچ (بيليٽ) آذربائيجان جي تماشائين جي لاءِ هڪ نئون صنف هئي، پر "ميڊن ٽاور" شوقينن جي هڪ وڏي تعداد کي راغب ڪيو. ان ناٽڪ ۾ خاص طور تي پهرئين آذربائيجان بالرينا، گامار الماسزادا، ان وقت ۾ بداللبيلي جي زال شامل هيا.[2] ٻيو بيليٽ 1950 ۾ سولطان حاجيبايوف پاران لکيل گلشن ناٽڪي ناچ (بيليٽ) آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيليٽ ٿيٽر ۾ ڪامياب ٿيو هيو.[3] آذربائيجاني ناٽڪ ناچ (باليٽ) گارا گارايف جي ٻن ناٽڪ ناچ (باليٽ) : سيون بيوٽيز ۽ گجگوڙ جي واٽ جي ٿورن سان آذربائيجان کان ٻاهر مشهور ماڻي هئي.[4]

    ناچڻيون (ڊانسرز) جهڙوڪ گمار الماسزاده، ليلا واڪيلووا، ڪانسٽنتن باتاشوف، رفاگا/رفيگا آخوندوا، ولاديمير پليانوف ۽ چنماز/چمناز بابائيفا/بيبييوفا آذربائيجان جي بيليٽ ۾ وڏيون ڀاڱيداريون ادا ڪيون.[5][6] ان سان گڏوگڏ، هدايت ڪار جهڙوڪ اسماعيل هدايت زادي، مهدي ممادوف، عادل اسگنداروف، سلطان داداشوف ۽ فردين صفاروف ۽ ڪنڊڪٽرز جهڙوڪ نيازي، اشرف حسنوف، احد اسرائفيلزاده، رئوف عبدالعيف ۽ ڪمال عبدليوف پڻ آذربائيجان جي ناٽڪ ناچ (بيليٽ) جي واڌاري ۾ اهم ڀاڱيداريون نڀايون.[6]

    پنهنجي پيءُ جي اعتراضن باوجود، گمار پنهنجي بيليٽ جي تربيت تي عمل جاري رکيو ۽ آذربائيجان جي پهرين عالمي سطح جي بالرينا بڻجي وئي. 1940 ۾، 25 سال جي عمر ۾، هن آذربائيجان جي پهرين ناٽڪ ناڍ (بيليٽ) "ميڊن ٽاور" (گزي گلسيسي) جي پریمريئر ۾ مُکيا ڪردار نڀايو.[7]

    1969 ۾، پيرس جي چیمپ-ايلسيس تي منعقد بين الاقوامي ناچ فيسٽيول ۾ پيرس ڊانس اڪيڊمي پاران آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيليٽ ٿيٽر جي ڊانسرز کي هڪ ڊپلوما سان نوازيو ويو. [8]

    2010 ۾، آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ۽ بيليٽ ٿيٽر پنهنجي 100هين ورسي ملهائي.[9]

    13 آڪٽوبر 2014 تي، سان ڊياگو، ڪيليفورنيا آمريڪا ۾ سان ڊياگو سوڪ ٿيٽر تي گارايوف جي ناٽڪ ناچ (بيلٽ) "ست سُهڻيون" جو پريميئر ٿيو.[10][11]

    مشهور ناٽڪي ناچ سنواريو

    افسرياب بدالبيلي پاران دي ميڊن ٽاور ناتڪ ناچ منجهان سين
    گارا گارائيفپاران ليئلي ۽ ماجنون ناٽڪ ناچ بيليٽ منجهان منظر (سين)
    پولاد بلبيلوغلو پاران پريتم ۽ موت باليٽ منجهان سين

    آذربائيجاني ادب جي ذخيري ۾ سڀ کان اهم ناٽڪ ناچ (بيلئٽ) هيٺئين ريت آهن:

    نامور ناچو سنواريو

    حوالا سنواريو

    1. "Müsəlman Şərqində ilk balet". ocaz.eu (ٻولي ۾ Azerbaijani). وقت 8 August 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 November 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
    2. Shahverdiyev, Karim. "Azərbaycan baletini yaradısı, səhnəmizin şahzadəsi Qəmər xanım Almaszadə". www.musigi-dunya.az (ٻولي ۾ Azerbaijani). حاصل ڪيل 30 November 2019. 
    3. Almaszade, Gamar. "My Life as Azerbaijan's First Ballerina". www.azer.com. آذربائيجان انٽرنيشنل. حاصل ڪيل 30 November 2019. 
    4. Sharifov, Azad. "Remembering Gara Garayev". www.azer.com. حاصل ڪيل 30 November 2019. 
    5. "Qəmər Almaszadə". adam.az. http://adam.az/index.php?option=com_sobi2&sobi2Task=sobi2Details&sobi2Id=844&Itemid=53. 
    6. 6.0 6.1 www.ballet-enc.ru (ٻولي ۾ Russian) http://www.ballet-enc.ru/html/a/azerbaydjanskiy-balet.html. حاصل ڪيل 30 November 2019.  Missing or empty |title= (مدد)
    7. "10.3 Memories - Center Stage: My Life as Azerbaijan's First Ballerina by Gamar Almaszade". www.azer.com. حاصل ڪيل 2019-11-30. 
    8. www.belcanto.ru (ٻولي ۾ Russian) http://www.belcanto.ru/azer.html. حاصل ڪيل 30 November 2019.  Missing or empty |title= (مدد)
    9. Maclachlan, Fiona. "Happy Hundredth! Azerbaijan’s State Theatre of Opera and Ballet Approaches its Centenary". www.visions.az. حاصل ڪيل 30 November 2019. 
    10. Gusman, Carolina. "SD Ballet premieres 'Seven Beauties'". www.utsandiego.com. حاصل ڪيل 30 November 2019. 
    11. "Azerbaijani Ballet 'Seven Beauties' premieres in the United States to great acclaim". www.prnewswire.com. حاصل ڪيل 30 November 2019. 


    خارجي ڳنڍڻا سنواريو

    سانچو:Ballet